ڪلري ڪئنال

ڪلري ڪئنال: ڪينجهر ڍنڍ جي ڏکڻ ۽ اولھہ ۾ چليا وٽان ٺاهيل هي واھہ اصل ۾ سنڌو درياھہ جي اهم ڪلري شاخ هئي، پر جڏهن درياھہ پنھنجو وهڪرو بدلايو، تڏهن هن شاخ کي ڇڏي ڏنو. 1893ع کان اڳ هن واھہ ۾ سڌارا آندا ويا، جن تحت وهڪري ۾ ڪجهہ سڌايون پڻ ڪيون ويون. 96_1895ع ۾ پڪين سرن جي ٺھيل هڪ مکيہ لوهي ڇاٻ پندرهن هزار 918 رپين جي لاڳت سان ٺاهي وئي جيڪا ڏهن فوٽن جي پنجن کُلندڙ درن ۽ ٻيڙين جي لنگهہ لاءِ پندرهن فوٽن جي هڪ کُلندڙ در تي ٻڌل آهي. هن جي نئين اڏاوت سان ٻوڏ جي خطري هيٺ رهندڙ علائقن کي محفوظ ڪيو ويو. ڪراچي ڪئنال ضلعي ۾ ٽيون وڏو واھہ آهي، جيڪو سنڌو درياھہ جي ساڄي ڪناري وٽان نڪري ٿو. هن جو عام وهڪرو اٽڪل ڏکڻ-اولھه آهي، پر گهڻو ڏنگو ۽ وڪڙدار آهي. اهو ٺٽي ۽ ميرپور ساڪري تعلقن وچان وهي ٿو. ٺٽو، ناريجا، گُجو ۽ ٻاٻڙا شھر ۽ ڳوٺَ، هن واھہ ۽ ان جي شاخن تي ٻڌل آهن.پھرين ڇويھن ميلن تائين هن واھہ کي ڪلري چيو وڃي ٿو ۽ ان جني منھن وٽ هڪ مکيہ شاخ ناري ڇڇ آهي، جيڪا ستن ننڍڙين شاخن جي سرشتي کي پاڻي پھچائي ٿي، جنھن کان پوءِ اها ٻن شاخن ۾ ورهائجي وڃي ٿي. منجهانئن ڪلري ٻُٽڙو ساڄي ڪُنڊ وٽان نڪري ٿو ۽ بلڪل اتان ئي ڦيريدار وهڪري کان پوءِ اهو راڄ واھہ شاخ وسيلي بگهياڙ سان وڃي ملي ٿو. هن جي وڏي حصي کي ڇڇ سڏيو وڃي ٿو: هن شاخ جي ڊيگهہ ٻارهن ميل پنج فرلانگ آهي. مکيہ واھہ جي ٻيءَ شاخ کي خان واھہ چيو وڃي ٿو، جنھن جي ڊيگهہ ساڍا ڏھہ ميل آهي. هاڻوڪي واھہ جي ڪلري منھن کي ڄام واھہ جي منھن تائين ڪل ڊيگهہ اٽڪل ٽيتاليھه ميل آهي. خان واھہ جي ڇڏيل ڀاڱي جي منھن وٽ نڪرندڙ ڄام واھہ جي ڊيگهہ ساڍا ڇھه ميل آهي ۽ بگهياڙ واھہ سان ڌُر واھہ وسيلي ڳنڍيل آهي. هن واھہ جي شاخن جو انگ يارنھن آهي ۽ انهن جي ڪل ڊيگهہ پنجهٺ ميل آهي: جتان 1171ڪڙيا يا شاخون نڪرن ٿيون. اهڙيءَ ريت، هن سرشتي جي ڪل گڏيل ڊيگهہ 108 ميل آهي. منھن وٽ واھہ جي اوچي ويڪر پنجاھہ فوٽ آهي. لوهي ڇاٻ وٽ هن جي اونهائيءَ جي حد ساڍا ٻارهن فوٽ آهي ۽ ان جو وڌ ۾ وڌ پاڻيءَ جو نيڪال هڪ هزار ڪيوسڪ فوٽ في سيڪنڊ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو