ڪلمتي (ذات): ڪلمتي ۽ ڪرمتي، ڪلمت علائقي ۾ رهندڙ هوت بلوچ آهن، هي علائقو قديم دؤر ۾ سنڌ سان رهيو آهي. قرمطي هڪ جدا قبيلو آهي، جيڪي اصل ۾ ’شيعا‘ آهن، اهي لڙاين سبب وڃي ملتان پھتا ۽ پاڻ کي اتي’قرمطي‘ سڏائڻ لڳا. اورنگزيب، ڪلمتي رند سردارن، سردار مير بجار خان ۽ مير بابر خان کي ڀوڏيسر کان لاهوري بندر ڏانھن ايندڙ ويندڙ مسافرن جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو هو ۽ کين معاوضا ۽ جاگيرون ڏنيون هيون. ڪلهوڙن ۽ ٽالپورن بہ سندن قدر ڪيو. انگريزن ڪافي وقت کڙاين کان پوءِ نيٺ سندن جاگيرن کي بحال رکيو. ڪيپٽن پريڊي لکي ٿو تہ هي هڪ بلوچ قبيلو (Burreys) آهي، جيڪو حلب کان نڪري مڪران ۾ اچي آباد ٿيو ۽ پوءِ ڪراچي ۽ حب واري ٻُرڙن جي علائقي ۾ اچي ويٺو. هنن مان بابراڻين ۽ بجاراڻين تي سرداري پڳ هئي. ڪلمتي، جوکيا، نومڙيا ۽ ميمڻ گڏجي انگريزن سان وڙهيا هئا. ان وقت ڪلمتين جو اڳواڻ سردار ابراهيم خان هو ۽ نومڙين جو سردار ملڪ احمد خان هو. اسماعيل بن گلو ڪلمتي (1460ع) ۽ حمل بن جيئند ڪلمتي (1581ع) ۾ وڏا جهازران هئا. ڪلمتين ۽ ڪرمتين جو چوڻ آهي تہ اهي هڪ ئي قبيلي سان واسطو رکن ٿا. هنن موجب لفظ ڪلمتي ۽ ڪرمتي ۾ ڪو فرق نہ آهي ۽ هو هوت بلوچ جو اولاد آهن.