ڪلنگي گاهه

ڪلنگي گاهه

ڪلنگي گاھہ

ڪلنگي گاھہ: هن گاھہ کي سائنسي زبان ۾ Celosia cristata چيو وڃي ٿو. Celosia دراصل يوناني ٻوليءَ جو لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي سڙڻ (burning). عام طور انگريزيءَ ۾ هن کي Cockscomb جي نالي سان سڏجي ٿو. هي ٻوٽو سڄو سال هر موسم ۾ واڌ ويجهہ ڪري سگهندڙ ۽ بيشمار بيمارين خلاف قوت مدافعت رکندڙ ٻوٽو آهي. هي ٻوٽو، نمائش ۽ خوبصورتي لاءِ گهرن جي اندر پڻ پوکيو وڃي ٿو. هن جا گل ۽ پن ڀاڄيءَ طور بہ استعمال ڪري سگهجن ٿا. هندستان، اولھه آفريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا ۾ هي ٻوٽو خوراڪ طور پڻ واپرايو وڃي ٿو. هي گرم علائقن جو سدا بھار ٻوٽو آهي. هن ٻوٽي ۾ ڦٽل گل لڳ ڀڳ 8 هفتن تائين جٽاءُ ڪري سگهن ٿا. هر هڪ گل ۾ لاتعداد ٻج ٿين ٿا. هن جا گل ٽن ڀاڱن تي مشتمل ٿين ٿا، جن ۾ ڪنڊا، ٻور ۽ پنکڙيون اچي وڃن ٿيون. اهي گهڻو ڪري شوخ رنگن سان ڳاڙها، پيلا، گلابي، نارنگي يا ٻئي ڪنھن رنگ جا ٿين ٿا. هي ٻوٽو قد ۾ صرف هڪ فوٽ (گهٽ وڌ) جيترو ٿئي ٿو. هن جا پن گهڻو ڪري ساوا يا وري ٽامي جي رنگ جھڙا ٿين ٿا. هن ٻوٽي کي پاڙ ساڙ (نباتي مرض)، پن داغ ۽ پاڙ گهٽڻ جهڙيون بيماريون ڪافي نقصان رسائين ٿيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو