ڪلهوڙا

ڪلهوڙا (ذات): ڪلهوڙن جو چوڻ آهي تہ هو حضرت عباس بن حضرت عبدالمطلب جي اولاد مان آهن ۽ سندن وڏا بغداد جي خليفي معتصم عباسيءَ جي ڏينھن ۾دين جي تبليغ لاءِ سنڌ ۾ آيا، حيدرآباد جي ڀرسان ڪلور واريءَ ٽڪريءَ تي اچي آباد ٿيا. پاڻ ميان ۽ بزرگ سڏبا هئا، تنھن ڪري ڪلور والا جي بزرگ جي نالي سان مشھور ٿيا. اهو لفظ بگڙي ’ڪلهوڙا‘ ٿيو ۽ پوءِ هي ’ڪلهوڙا‘ سڏجڻ لڳا. سن 1026ع ۾ سلطان محمود غزنوي سنڌ تي عبدالرزاق کي مقرر ڪيو، ان وقت بني عباس جو قبيلو موجود هو. هن قبيلي مان ڪن ماڻهن پاڻ کي ڪلهوڙا چورائي شيعا فرقو اختيار ڪيو. مرزا قليچ بيگ جي لکڻ موجب ڪلهوڙا، عباسي ۽ دائود پوٽا جي شاخ آهن. ڪن جاين تي ڪلهوڙا، سرائي ۽ جت بہ سڏجن ٿا. ڪڇيءَ ۾ ويٺل ڪلهوڙا پاڻ کي سنڌ جا سماٽي جت سڏائين ٿا ۽ پاڻ کي فقير بہ سڏائن ٿا. ايس. صادق علي هنن کي قريشي الھاشمي جي شاخ، بنو عباس مان ڄاڻايو آهي. ڪلوڙ بہ هن شاخ مان آهن. حڪيم محمد صادق عباسي راڻيپور جو ويٺل هو، هن لکيو آهي تہ ابراهيم عباسي صاحب ڪرامت وارو ۽ درويش هو. هو ’ڪلهو‘ يعني اڪيلو سنڌ ۾ آيو هو، جنھن ڪري هو ڪلهو جي نالي سان مشھور ٿيو ۽ اڳتي اهو لفظ ڪلهو مان ڦري ڪلهوڙو ٿيو، جنھن سبب هي ذات ڪلهوڙا جي نالي سان مشھور ٿي.
ڪلهوڙا حاڪم ٿي رهيا آهن، جن سنڌ، لسٻيلي ۽ بلوچستان تي حڪومت ڪئي. پنجاب جا بہ ڪجهہ حصا هنن جي قبضي هيٺ هئا. ٽالپر سندن مريد هئا، پر ڪجهہ ٽالپرن کي ڪلهوڙن پاران قتل ڪرائڻ کان پوءِ، ٽالپرن ڪلهوڙن کان حڪومت ڦري ورتي. انگريزن جي راڄ ۾ کين ’ڄاموٽ‘ لکيو ويندو هو. سومرن وانگر ڪلهوڙا بہ اضطراب کان بچي نہ سگهيا آهن. ڪي هنن کي ’عرب‘ تہ ڪي محمد چيني جو اولاد ’سماٽ‘ چون ٿا. ’تاريخ ڪلهوڙا‘، ’تحفة الڪرام‘، ’جواهر عباسيه‘ (محمد اعظم بن شيخ محمد صالح)، مرات دولت عباسيه ۽ راءِ بھادر هتو رام جي لکڻين مان معلوم ٿئي ٿو تہ ’ڪلهوڙا‘ حضرت عباس (عباسي) جي اولاد مان آهن. تاريخي حوالن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ڪلهوڙا سنڌ جي ٻين قبيلن وانگر هميشہ سنڌ تي غيرن جي ڏاڍ ۽ قبضي خلاف پنھنجي قوت سان وڙهندا پئي آيا آهن. بھرحال اهو ڪٿي بہ ثابت نہ ٿي سگهيو آهي تہ ڪلهوڙا سماٽ (سما) آهن يا عباسي. ڪلهوڙن جا خاص پاڙا: (1) ابل، (2) ازلي، (3) اوڍاڻا، (4) بنهاڻي، (5) ٻُٽا، (6) ڀٽا ڪلهوڙا، (7) ڀنگي، (8) تاسريا، (9) پنا، (10) پيٽ ڦاٽا، (11) جهنجها، (12) حاڪماڻي، (13) خاٿي، (14) خوشحالاڻي، (15) خولرا، (16) ڏڌرا، (17) ڊوڪاڍڪا، (18) دربان، (19) درواڻ، (20) ڊيمبا، (21) رانگا، (22) ڦاريرا، (23) ڦرا، (24) ڪالو، (25) ڪانڌي. (26) ڪاڻيا. (27) ڪرتا، (28) ڪلهوڙا، (29) ڪانڌڙا، (30) ڪندرا، (31) ڪنڊناڻي، (32) ڪوري، (33) کهارا، (34) گانداهي، (35) گانمراڻي، (36) گجراڻي، (37) گنجا، (38) گهندل، (39) لاکا، (40) لوچي، (41) ماڱڻا، (42) مچلا، (43) منھنپوٽا، (44) مياري، (45) ننگراج، (46) ننگراجا، (47) وڏپاڳيا (وڏ پڳيا)، (48) ڀولا، هيسباڻي، (49) چونڊيا. (50) فيضاڻي ۽ (51) مانگڙا، وغيرہ آهن.


لفظ ڪلهوڙاھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو