ڪلوئي (ذات): هي رندن جو هڪ پاڙو آهي. لڪي شاھہ صدر وٽ ڪلوئي ذات جا ڪافي ماڻهو آباد آهن جيڪي پاڻ کي رندن جي شاخ سڏائين ٿا. ڪلوئي ذات وارن جي مورث اعليٰ جو نالو ’ڪلو خان‘ هو، جنھن جي نالي پٺيان سندس اولاد ’ڪلوئي‘ سڏائين ٿا.“ ڪلوئين بابت سرهينري پاٽنجر پنھنجي ڪتاب ’Travels in Balochistan and Sindh‘ ۾ ڪلوئين کي رندن جو هڪ پاڙو ڄاڻايو آهي. هن ذات جي نالي پٺيان، تعلقي ڏيپلي ۾ ’ڪلوئي‘ شھر پڻ چڱو واپاري مرڪز آهي.