
ڪلوئي شھر
ڪلوئي (شھر): پراڻي هاڪڙي درياھہ جي ڪناري تي آباد ڪلوئي شھر کي ٿر ۽ لاڙ جو سنگم سڏيو وڃي ٿو. هي شھر ڪافي ڀيرا ويران ۽ آباد ٿيو. ڪلوئي شھر تي ’ڪلوئي‘ ذات جي ماڻهن جي رهڻ ڪري نالو پيو. ڪلوئي بدين کان 40 ڪلوميٽر، پنگريو کان 10 ڪلو ميٽر، مٺي کان 30 ڪلوميٽر ۽ نئون ڪوٽ کان 10 ڪلو ميٽر پري آهي. ڪلوئي ۾ ونگي پتڻ ويجهو ڪيترائي سرن جا بٺا آهن، جتان ٿر ۽ ڪراچيءَ تائين سرون مھيا ڪيون وڃن ٿيون. 2015ع ۾ ڪلوئي شھر کي ٿرپارڪر جي تعلقي جو درجو ڏنو ويو. ڪلوئيءَ جي آبادي 20 هزار ماڻهن تي ٻڌل آهي.