ڪلواڙو تال (موسيقي): هي سنڌي تالن ۾ مشھور تال آهي، جيڪو دهل، پڪواز، دلي، گهاگهر ۽ ٻين تال جي سازن تي وڄايو ويندو آهي. هن کي ڪلاسيڪل تال تلواڙي کان مختلف سمجهڻ گهرجي. هي بنھہ سنڌي تال آهي، جيڪو گهڻو ڪري ڪافي ڳائڻ مھل وڄندو آهي. يڪتاري، ڍولڪ ۽ چپڙي تي وڏي دلڪشي پيدا ڪندو آهي. ’راجستاني چپڙي‘ خاص نموني وڄندي آهي، ان تي بہ سٺي سنگت ڪلواڙي سان ٿيندي آهي. هي سنڌي ۽ راجستاني موسيقيءَ جو مقبول ۽ چئن ماترائن جو تال آهي. ڪي وڄت جا ماهر هن کي چئن ماترائن جي ٻيڻ ڪري وڄائيندا آهن. ٻول هي آهن: ڌاڳي-ناگي-تاڪي-ڌن.