ڪلونجي

ڪلونجي (Black Cumin): ڪلونجي مصالحي ۽ دوائن واري فصل طور اهميت رکي ٿي. هي عام ۽ قدرتي جڙي ٻوٽي آهي. سنڌ ۾ ڪلونجي کي ڪلوڙي (Black Sumin) جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. هن کي عربي زبان ۾ ’حب السوداع‘ چئجي ٿو. ڪلونجي جو اصل وطن مصر ٻڌايو وڃي ٿو. هيءُ ٻوٽو يورپ کان اترآفريقا ۽ اولھه ايشيا تائين پکڙيو، جتي ڪلونجي ٻج لاءِ پوکي وڃي ٿي. هي انساني خوراڪ ۾ ذائقي طور استعمال ٿئي ٿو. ڪلونجيءَ جو ٻج ڪاري رنگ ۽ ٽڪنڊي شڪل جو ٿئي ٿو، جنھن کي ڪارا ڌاڻا، ڪالي جيري ۽ ڪالا زيره جي نالن سان بہ سڏيو وڃي ٿو. هن جو ٻج بصر جي ٻج جهڙو ۽ خوشبودار ٿيندو آهي. هن جو ٻج هاضمي جي خرابيءَ ۾ بھترين علاج آهي، دم، ساھہ گهٽجڻ، ٿولھہ، دل جي تڪليف ۽ بادي لاءِ روايتي علاج طور ڪم آڻين ٿا. عورتون پنھنجي خوبصورتي وڌائڻ لاءِ بہ مختلف ٽوٽڪن ۾ استعمال ڪن ٿيون. ڪلونجي جي پوک لاءِ لٽاسي ۽ وچولي لٽاسي زمين، جنھن ۾ پاڻي جهلڻ جي گهڻي گنجائش هجي، وڌيڪ موزون آهي. پاڪستان جي اترين جابلو علائقن ۾ پھرين سيپٽمبر کان 02 آڪٽوبر تائين ڪلونجي جو فصل کِرن تي 4 کان 5 انچن جي مفاصلي تي چنگين ذريعي پوکيا وڃن ٿا. هن فصل لاءِ في ايڪڙ سفارش ڪيل ڀاڻ، جنھن ۾ هڪ ٻوري يوريا، ڏيڍ ٻوري امونيم نائٽريٽ ۽ ٻہ ٻوريون سپر فاسفيٽ ڏيڻ گهرجن. ڪلونجيءَ جي فصل مان في ايڪڙ 300 ڪلوگرام ٻج جي پيداوار ملي ٿي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو