ڪليار (ذات): سنڌ جي مختلف ضلعن ۾، سمن، سماٽي جتن ۽ سرائي جتن ۾ ڪليار نالي سان پاڙا موجود آهن. ’تاريخ ليه‘ موجب رانا راڄ ورڌن جاٽ کي ڀٽي زال مان ڪليار، نون، ڪانجو ۽ هٽار نالي پٽ هئا. جن مان ڪليار جي اولاد مان ڪِن پاڻ کي پيءَ جي نسبت سان ڪَليار جاٽ تہ ڪن ماءُ جي نسبت سان ’ڪليار ڀٽي‘ سڏايو