ڪلياڻ سُر

ڪلياڻ (سُر): ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ’ڪلياڻ‘ لفظ جي معنيٰ ’خير، سُک ۽ شانتي‘ ڄاڻائي آهي، ڪلياڻ آڏواڻي ۽ غلام محمد شاهواڻي پڻ ساڳي معنيٰ ڄاڻائي آهي.
ڊاڪٽر گربخشاڻيءَ ڪلياڻ راڳ جي حوالي سان نسبت ڄاڻائيندي لکيو آهي ته، هندستاني راڳين موجب ’ديپڪ راڳ‘ کي اٺ پٽ آهن، جن مان سُر ڪلياڻ بہ هڪ آهي. سُر ڪلياڻ جا پنج قسم آهن:
(1) شام ڪلياڻ، (2) يمن ڪلياڻ، (3) ڀوپالي ڪلياڻ، (4) حمير ڪلياڻ، (5) ڪيدار ڪلياڻ. خود ’سُر ڪلياڻ‘ کي ’شڌ ڪلياڻ‘ چوندا آهن ۽ ديپڪ راڳ کان پوءِ ڏيئن ٻرڻ بعد ڳائبو آهي. هن سُر ڳائڻ سان من کي وشرام ۽ شانتي حاصل ٿئي ٿي.
شاھہ لطيف جي رسالي جو سرُ ڪلياڻ آهي. هن سر ۾ توحيد ۽ رسالت جي حوالي سان انسان جي عقيدي جي صفائي ۽ ڪائنات جي وحدت جو راز سمايل آهي. اعليٰ ڄاڻ ۽ معرفت واري مقام تي پھچڻ لاءِ هن سُر ۾ حقيقت جي تلاش ڪندڙ کي ترغيب ڏنل آهي تہ هو ٻيائيءَ کي ٻوڙي، خوديءَ کي کائي، هُئڻ ۽ هستيءَ واري ڪَلاھہ ڪاٽي، ٻاهرين لڇ پڇ بدران اندر ۾ لُڇي، لوچي ۽ ’پاڻ‘ کي ’پاڻ‘ کان پري ڪري، ائين جو مرڻ کان اڳ مرڻ جو معراج حاصل ڪري.
هن سُر ۾ عشق جي آزمائش، محبوب جي بي پرواهي، ڪاتي ۽ ڪوس، کوري ۽ باھہ جو ذڪر، محبوب جي ڪُھڻ ۽ عاشق جي ڪُسجڻ جو بيان آهي. سر ڪلياڻ يقين کي محڪم ڪندڙ، قربانيءَ لاءِ جوش ۽ جذبو جاڳائيندڙ، اعليٰ منزل تي پھچڻ لاءِ ولولو وڌائيندڙ، همت ۽ حوصلو ڏيڻ وارو سُر آهي. ڪلياڻ متحرڪ سُر آهي، جنھن ۾ ولولو ۽ ووڪ آهي. هن سُر ۾ اها زوردار ترغيب آهي تہ سوري ئي سيج آهي. سوز ئي سڪون آهي. هن سر ۾ اعليٰ مقصد خاطر پنھنجيون سموريون سَڌون ڀڃڻ، سک جا سانگا پلڻ، آرام ڦٽائڻ، ڏکڙا ڏسڻ ۽ سھڻ جي تعليم ڏنل آهي. شاھہ لطيف جو سُر ڪلياڻ ۾ پنج داستان شامل آهن، جن جي واين ۽ بيتن جو تعداد مختلف رسالن ۾ مختلف ڄاڻايل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو