ڪلياڻ مندر: هيءُ قديم ۽ تاريخي مندر حيدرآباد جي گدواڻي گهٽيءَ جي ڀرسان واقع آهي. جيڪو سوامي سنت ڪلاچند ٺھرايو هو. اسٿان جا سنڀاليندڙ ٽرسٽي مقرر ٿيل آهن. هتي ايندڙ ويندڙ ۽ رهندڙ ماڻهن لاءِ ماني، رهائش وغيرہ جو بندوبست ٿيل هوندو آهي ۽ ڪيترن ئي ضرورتمندن جي سھائتا ٿيندي رهي ٿي.