ڪليري: هن ذات وارا سنڌ جي نوابشاھہ، حيدرآباد سميت مختلف ضلعن ۾ آباد آهن. ايس صادق علي هنن کي ’جت‘ لکيو آهي. ڪتاب ’سماٽ‘ ۾ هنن کي ’جت‘ ڄاڻايو ويو آهي. ڪتاب ’مرقع ڊيره غازي خان‘ موجب، گوجرن جي دارالحڪومت راجوڙ ۾ هڪ قلعي جو نالو ’ڪليري‘ هو، اتان لڏي آيل ’ڪليري‘ سڏجن ٿا. بازراڻي، ڀوراڻي ۽ روهيلا بہ ڪليري آهن.