ڪليم ٻُٽ

ڪليم ٻُٽ

ڪليم ٻٽ

ڪليم ٻُٽ: ڪليم ٻُٽ 7 اپريل 1984ع تي تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ٻـُٽ سرائيءَ ۾ تعليمدان، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر الھہ رکيي ٻُٽ جي گهر ۾جنم ورتو.ڪليم ٻُٽ ايم بي اي (ايڇ آر ايم) ۽ ماس ڪميونيڪيشن جون ڊگريون سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيون. هن 2006ع کان ناول ۽ افسانہ لکڻ جي شروعات ڪئي، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ’گمنام ليکڪ‘ (ناوليٽ: 2012ع)، ’لانگ مارچ‘ (ناول: 2013ع)، ’آخري امتحان‘ (ناوليٽ: 2013ع)، ’امن لاءِ اتحاد‘ (سائنسي افسانو: 2014ع)، ’هوشچند ۽ ڪوٽ لکپت‘ (ڪھاڻيون: 2014ع)، ’اسپيس اوڊسي‘ (سائنسي افسانا، ترجمو: 2014ع)، ’ڏاهر‘ (ناول: 2015ع)، ’آزاديءَ جي اُپٽار‘ (ناول: 2017ع)، ’مري ٿيا نہ مات‘ (ناول: 2017ع)، ’وطن جن وساريو‘ (ناول: 2017ع) ’راءِ ڏياچ‘ (ناول: 2019ع)، ’يوٿوپيا‘ (ناول: 2020ع)، ’ريگل چوڪ‘ (ناول: 2021ع)، ’ڪھاڻين جو شھر‘ (ناول: 2022ع)، ’ڪراچي ڪالنگ‘ (ناول: 2023ع) شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1984.04.07  عيسوي

ڪليم ٻُٽ 7 اپريل 1984ع تي تعلقي ميھڙ، ضلعي دادوءَ جي ڳوٺ ٻـُٽ سرائيءَ ۾ تعليمدان، محقق ۽ نقاد ڊاڪٽر الهه رکيي ٻُٽ جي گهر ۾جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سائل مرزا
بقائي ڊاڪٽر فريدالدين
لونگ فقير سولنگي
شيخ محمد حاجن پروفيسر
قرت العين حيدر
سلطان محمود بيگڙو
سيد قاسم محمود
عبدالصمد خان اچڪزئي
ارباب حاجي خميسو ميمڻ
آخوند اقبال احمد
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون