ڊاڪٽرڪليم الله لاشاري

ڊاڪٽرڪليم الله لاشاري

ڪليم ﷲ لاشاري ڊاڪٽر

ڪليم لاشاري، ڊاڪٽر: سنڌ جي قديم تھذيبي ورثي ۽ آثارن (آرڪيالاجي) جي ماھر ڊاڪٽر ڪليم لاشاريءَ جو جنم لاڙڪاڻي شھر ۾ 3 جون 1953ع تي ٿيو. هن گريجوئيشن پنجاب يونيورسٽيءَ مان ۽ قانون جي ڊگري 1983ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪئي، ڪميشن جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ پاڪستان سول سروسز جي تربيت پوري ڪري، 1985ع ۾ بلوچستان ۾ (S.D.M) مقرر ٿيو. 1989ع ثقافت کاتي حڪومت سنڌ ۾ ڊپٽي سيڪريٽريءَ طور ذميواريون نڀائڻ شروع ڪيون. ثقافت کاتي ۾ ذميواريون نڀائيندي ’ديبل جي تلاش‘، ’رني ڪوٽ جو مطالعو‘ ۽ ’قبائلي مقبرن جي تعمير‘ جهڙين اهم رٿائن تي ڪم ڪيائين. قديم آثارن ۾ دلچسپي پيدا ڪرڻ لاءِ پھرين ’جرنل آف پاڪستان آرڪيالاجسٽس فورم‘ شايع ٿيو، جيڪو بعد ۾ ’دي آرڪيالاجيڪل ريويو‘ جي نالي سان جاري رھيو. انهن ڏينھن ۾ سندن ڪتاب ’دي اسٽڊي آف دي اسٽون ڪاروڊ گريوز‘ شايع ٿيو. جيڪو بنيادي طور سندن ساربان يونيورسٽي، پيرس ۾ ڊاڪٽريٽ آف فلاسافي لاءِ رٿيل ڪم ھو. 1994ع ۾ اسلام آباد ۾ بدلي ٿيڻ کان پوءِ ’خطن جي سوانحي عنصر‘ تي لکيل سندس مقالي تي ڪراچي يونيورسٽيءَ پاران کيس ڊاڪٽر آف فلاسافي جي جي ڊگري ڏني وئي. 1997ع ۾ سنڌ جي گهرو کاتي ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڪم ڪيائين، بعد ۾ 2000ع ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر سکر جي حيثيت ۾ ھسٽاريڪل سوسائٽي قائم ڪري، سوسائٽيءَ پاران سورھن تحقيقي ڪتاب شايع ڪرايائين. سکر جي ڪاشيڪاريءَ تي سندس ڪتاب Study of Mural Ceramics of Sukkur پڻ انهيءَ موقعي تي ڇپجي پڌرو ٿيو. 2001ع ۾ کيس سنڌ آرڪائيوز جو ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو. جتي هن، اشاعتي پروگرام جي ابتدا، بنيادي ماخذ (سورس مٽيريل) ھٿ ڪرڻ ۽ موجود تاريخي ڪاغذن جي سنڀال، عملي جي تربيت ۽ تحقيق جي سھولتن جو بندوبست ڪيو. انهيءَ دوران 2002 ۾ ڊاڊ (DAAD) پوسٽ ڊاڪٽريٽ فيلوشپ لاءِ جرمنيءَ ۾، برلن جي اسلامڪ آرٽس ميوزيم ۾ اسلامي دور جي آرڪيالاجيءَ تي تحقيقي ڪم ڪيائين. سندس ڇپيل ڪتاب هيٺين ريت آهن:
(1) خوابن جي تشريح
(2) عشق ڪيوم اظھار (بيدل جي اينٿالاجي) (2001ع)
(3) اوڻويھه سؤ ٽياسي (ڪھاڻيون، 2011ع)
(4) چوکنڊي اور قبائلي قبرين (اردو: 2011ع)
(5) مڪلي (2018ع)
(6) موهن جو دڙو (2017ع)
(7) سکر تاريخ ۽ سماج (2001ع
(8) خطن جو سوانحي جائزو (تحقيق)
(09) Sukkur History and society (2001)
(10) Epigraphy of Makli, SEAS & Department of Culture, Tourism & Antiquities (2018)
(11) Future in the Pas, Department of Culture, Tourism & Antiquities, Karachi (2017)
(12) Chaukandi aur Qabaili Qabrain, Culture, Tourism & Antiquities & SEAS Pakistan Karachi (2011)
(13) Unees Sau Tirasy, Academy Bazyaft, Karachi (2011)
(14) Study of Mural Caramics of Sukkur, Sukkur Historical Society (2001)
(15) A Study of Stone Carved Graves, Published by SEAS, Karachi, Pakistan (1996)
(16) Nineteen Eighty-three A Collection of Sindhi Short Stories, published by the Mahran Publishers, Karachi, Pakistan (1999)
ان کان سواءِ هن جي ادارت هيٺ انگريزيءَ ۾ ’سنڌ آرڪيالاجي‘ رسالي جا چار شمارا ڇپيل آهن،
2005ع ۾ آمريڪا جي وسڪانسن يونيورسٽيءَ ۾ پوسٽ ڊاڪٽرل فيلوشپ لاءِ رجسٽرڊ ٿيو. 2006ع ۾ واپس اچي ڊائريڪٽر جنرل پراجيڪٽس (ھيريٽيج) جي حيثيت ۾ ڪم شروع ڪيائين. ان دوران هو: ڊاڪٽر اين. اي بلوچ انسٽيٽوٽ آف ھيريٽيج ريسرچ، سنڌ پوليس ميوزيم، مکي هائوس ميوزيم، خيرپور اسٽيٽ ميوزيم، ٺٽو ميوزيم، آمري ميوزيم، شڪارپور سٽي ميوزيم، سنڌ وائلڊ لائيف ميوزيم، سکر آرڪيالاجيڪل ميوزيم قائم ڪرائڻ سان گڏ، ڀنڀور ۽ لاکين جي دڙي جي کوٽائيءَ ۾ شاھہ لطيف يونيورسٽيءَ جو مددگار رهيو. موھن جي دڙي جي ٽيڪنيڪل ڪنسلٽيٽو ڪميٽي (Technical Consultative Committee) جون ذميواريون نڀائڻ ۽ يونيسڪو جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ 2017ع ۾ انٽرنيشنل ڪانفرنس ڪرڻ، سنڌو لکت تي تحقيق جي سلسلي ۾ 2019ع ۾ بين الاقوامي ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيائين ۽ ان ۾ پيش ٿيل مقالن کي ترتيب ڏئي ڇپايائين. 2018ع ۾ مڪلي ٽڪريءَ جي قبرستان تي ڪم ڪيائين. پاڻ حفاظتي تعميرات جو ڄاڻو آھي. کيس 2001ع ۾ رومي قبرستان ۽ نوشيروان بلڊنگ جهڙن ورثن جي حفاظت ۽ بحالي جا لاتعداد منصوبا جوڙڻ ۽ مڪمل ڪرڻ جو اعزاز حاصل آھي. سندس خدمتن جي اعتراف طور حڪومت پاڪستان پاران کيس 2019ع ۾ ’ستارہ امتياز‘ جي اعزاز سان نوازيو ويو. پاڻ ڪيترن ئي ڪاميٽين جو ميمبر ۽ سربراھہ آھي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1953.06.03  عيسوي

ڊاڪٽر ڪليم الله لاشاريءَ جو جنم لاڙڪاڻي شھر ۾ 3 جون 1953ع تي ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

عمر شريف
اي جي چانڊيو
جوڻيجو غياث الدين
پشپا ولڀ
رجب رضا
راز محمد موسيٰ
ابوبڪر شيخ
ارجن آسومل ڀنڀاڻي
علي گوهر خان مھر
درويش سليمان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون