ڪلپنا اشوڪ چيلاڻي ڊاڪٽر

ڪلپنا اشوڪ چيلاڻي، ڊاڪٽر: هندستان ۾ سنڌي ٻارڙن جي مشھور ليکڪا ڊاڪٽر ڪلپنا اشوڪ چيلاڻي لکميچند ٿانورداس عيدناڻيءَ جي گهر، پوني، رياست مھاراشٽر، هندستان ۾ ڄائي. سندس وڏا اصل دادو سنڌ جا هئا. هن ايم اي، بي ايڊ کان پوءِ پي ايڇ ڊيءَ بہ ڪئي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾، ’گيت گلابي‘ (شاعري 1996)،’دلير درياھہ‘ (ڪھاڻيون 1999) ’ڪاليناٿ‘ (ڪھاڻيون 2000)، ’ٻڌ جو پتلو‘ (ڪھاڻيون 2008)، ’منھنجا ساٿي‘ (مونو لاگ 2008)، ’پيغام‘ (ڪھاڻيون 2009) ۽ ’آڪاشي پٿر‘ (ڪھاڻيون 2009) شامل آهن. ڊاڪٽر ڪلپنا اشوڪ چيلاڻي ڪيترائي انعام حاصل ڪيا آهن. هوءَ احمد آباد ريڊيو تان اسڪولي ٻارن جا جدا جدا پروگرام پڻ ڪندي رهي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو