
چاولا ڪلپنا
ڪلپنا چاولا: سائنسدان ۽ ائروناٽيڪل انجنيئر ڪلپنا چاولا پھرين جولاءِ 1960ع تي ڪرنال، هريانا ڀارت ۾ ڄــائـي. سنڌي قوم پاڪستان توڙي هندستان جي پھرين خلاباز (Astronaut) هئي. ڪلپنا چاولا ابتدائي تعليم ڪرنال جي ٽيگور پبلڪ اسڪول مان، گريجوئيشن چنديڳڙھہ مان ائروناٽيڪل انجنيئرنگ ۾ ۽ ايم. ايس جي ڊگري 1982ع ۾ آرلنگٽن يونيورسٽي، ٽيڪساس مان حاصل ڪئي. ان کانپوءِ 1988ع ۾ ڪولوراڊو يونيورسٽيءَ مان ائرو اسپيس (Aerospace) انجنيئرنگ ۾ پي ايڇ. ڊي ڪري مشھور خلائي اداري ناسا ۾ ملازمت اختيار ڪيائين. هوءَ سرٽيفائيڊ فلائيٽ انسٽرڪٽر پڻ هئي، جنھن ۾ هن کي جھاز ۽ گلائيڊر اڏائڻ سان گڏ ڪمرشل پائلٽ جا لائسنس بہ مليل هئا. ڪلپنا سڀ کان پھرين 1997ع ۾ اسپيس شٽل ڪولمبيا (Space Shuttle Columbia) ۾ مشن اسپيشلسٽ طور شامل ٿي خلا ۾ وئي. ناسا (NASA) ۾ رهڻ دوران هوءِ اسپارٽن سيٽلائيٽ (Spartan Satellite) جي ٽيم ۾ بہ شامل رهي ۽ خلا ۾ سفر ڪيائين. پھرين فيبروري 2003ع تي ’ڪولمبيا‘ نالي اسپيس شٽل زميني ماحول ۾ ئي خرابي پيدا ٿيڻ ڪري ٽيڪساس رياست ۾ ڪِري تباھہ ٿي وئي، جنھن ۾ ڪلپنا، ڪريوَ (Crew) جي ستن ماڻهن سميت فوت ٿي وئي. هن جي المياتي موت کانپوءِ کيس ’ڪانگريشنل اسپيس ميڊل‘، ناسا اسپيس فلائيٽ ميڊل، ناسا غير معمولي خدمت جو ميڊل ۽ ٻيا ايوارڊ ڏنا ويا.
1960.07.01 عيسوي
سائنسدان ۽ ائروناٽيڪل انجنيئر ڪلپنا چاولا هندستان جي پهرين ۽ شايد سنڌي قوم جي به پهرين خلاباز (Astronaut) آهي، جيڪا پهرين جولاءِ 1960ع ۾ ڪرنال، هريانا ۾، ڄــائـي.
2003.02.01 عيسوي
ڪلپنا چاولا41 سـالـن جــي ڄـمـــار ۾ 1 فيبروري 2003ع ۾ ٽيڪسـاس ۾ اسپيس شٽل ڪِرڻ سبب وفات ڪيائين.