ڪماريا (پاڙو): ابڙن جو هڪ پاڙو. هي جاڙيجا سما ڪُل مان ڪمر خان عرف کٻڙ خان جو اولاد آهن. جنھن کي مير محمد ۽ محمد صديق نالي ٻہ پٽ هئا، جن مان مير محمد جو نسل وڌيو. هنن مان ابڙو اڙٻنگ سورهيه ٿي گذريو آهي. ابڙن جي پڳ ڪمارين تي آهي. هن وقت همت علي خان ڪماريو نالي سردار آهي. هي جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻي ضلعي ۾ وڏي تعداد ۾ آباد آهن.