ڪمار ٿڌاڻي: بمبئي بيڪري حيدرآباد جي مالڪ سيٺ ڪمار ٿڌاڻيءَ جو جنم 1938ع ۾ حيدرآباد ۾ سيٺ ڪشن چند ٿڌاڻي ولد سيٺ پھلاج راءِ جي گهر ۾ ٿيو. بي. ايس. سي (بائيولاجي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان پاس ڪيائين. سندس خاندان ڪلھوڙن جي زماني ۾ خداآباد مان لڏي اچي حيدرآباد ۾ رهائش پذير ٿيو ۽ گذريل ڇھن پيڙهين کان هتي ئي آباد آهي. هن جو نانو مشھور شخصيت ديوان گدومل (جنھن نالي سان حيدرآباد جو گدو بندر مشھور آهي) هو. هنن جي اصل رهائش تلڪ چاڙهي حيدرآباد تي هئي. بمبئي بيڪري سندس پيءُ سيٺ ڪشنچند 1910ع ۾ هاڻوڪي فاران هوٽل واري هنڌ تي قائم ڪئي هئي، جنھن کي 1922ع ۾ وري موجودہ ڪينٽ واري بنگلي ۾ منتقل ڪيو ويو. سيٺ ڪمار ماءُ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو. سندس بيڪريءَ جي ڪيڪ جي تعريف هند ۽ سنڌ ۾ مشھور آهي. ڪمار ٿڌاڻي خدمت خلق سبب بہ مشھور هو. سيٺ ڪمار ٿڌاڻيءَ 11 جون 2010ع تي هي جھان ڇڏيو.