ڪمار گهنشاڻي

ڪمار گهنشاڻي

ڪمار گهنشاڻي

ڪمار گهنشاڻي: ڪمار گهنشاڻي 15 جون 1961ع تي احمد آباد (گجرات) جي هڪ سنڌي خاندان ۾ پيدا ٿيو. سندس سڄو خاندان ٿيٽر آرٽ سان لاڳاپيل آهي. هن ننڍپڻ کان ئي پنھنجي والد ڊاڪٽر گل گهنشاڻي ۽ ڀاءُ ٻلديو جي هدايتڪاريءَ هيٺ ٿيٽر ۾ اداڪاري ڪئي. سندس تعليم ايم. اي (هندي) آهي. ان کان پوءِ ڊرامي ۾ ڊپلوما ڪيائين. هن اسٽيج تي 100 کان وڌيڪ ناٽڪن ۾ ڪم ڪيو آهي. ريڊئي ۽ ٽيليويزن تي هن سڄي هندستان ۾ 500 کان وڌيڪ هندي ۽ سنڌي آرڪيسٽرا پروگرامن جي ميزباني ڪئي آهي. هو اسسٽنٽ ليبر آفيسر جي حيثيت سان سرڪاري نوڪريءَ مان رٽائر ٿيو. هن وقت ٿيٽر ۽ فلم جي دنيا سان لاڳاپيل آهي.


لفظ ڪمار گهنشاڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1961.06.15  عيسوي

ڪمار گهنشاڻي 15 جون 1961ع تي احمد آباد (گجرات) جي هڪ سنڌي خاندان ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

تورپيو مسڻ
پيرزادو مولوي محمد معاذ
اسراڻ غلام محمد خانبهادر
جسڪاڻي مشتاق
غلام حسين شيدا مخدوم
بولا خان جاکرو
جان جيڪب
ڏاهري محمد ادريس
رحيم بخش جمالي
زرتشت زردشت
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون