ڪمانگر (ذات): ڪمانگر فارسي لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي، ڪمان ٺاهڻ وارو، هڏن کي ڳنڍڻ وارو. اصطلاحي معنيٰ ۾، جاين جون ڪمانون ٺاهڻ وارو ڪاريگر، ڀتين۽ ڇتين کي چٽيندڙ ڪاريگر جڳھين جون ڪمانون وغيرہ ٺاهڻ وارا ڌنڌا ڪرڻ وارن کي ڪمانگر سڏيو ويو، جيڪي ڪنڀر ۽ لوهار وانگر وقت گذر سان ذات ۽ قبيلي طور سڃاپجڻ لڳا. هنن جا ڪجهہ گهر سکر، سيوهڻ، ميھڙ ۽ ٿاڻي بولا خان ٻين هنڌن تي پڻ آهن. ڪمانگرن جا خاص پاڙا آهن: ٿاڻائي، گجراتي، لاڙائي ۽ سھاڳ وغيرہ.