ڪماچ

ڪُماچ (ساز): تاريخي پس منظر رکندڙ ڪماچ سنڌ جو هڪ ساز آهي، چيو وڃي ٿو تہ سنڌ ۾ هي ساز راجستان کان آيو، هاڻي بہ سنڌ جي ٿر ۽ ڪوهستاني واري علائقي ۾ هي ساز گهڻو مقبول آهي، جيڪو اتان جا مڱڻھار ۽ منگتا ابن ڏاڏن کان وڄائيندا اچن. راجسٿان ۾ ماڙيچا گهراڻي جي مڱڻھارن (مير عالم گهراڻي) وڄت ڪري پوري دنيا ۾ نالو ڪمايو. ۾ هن ساز جو ذڪر ڪيو آهي ’ڏنو راءِ ڏياچ، ڪھي ساڻ ڪماچ.‘ هي ساز ڪاٺ مان ٺاهيو وڃي ٿو. شڪل ۾ گول آهي، ڪاٺ جي کوکي مٿان ڪنھن جانور رڍ، ٻڪري ۽ ڳئون جي اوجهريءَ کي سڪائي چاڙهيو ويندو آهي، پر گهڻا وڄائڻ وارا نانگ ۽ مڇيءَ جي کل بہ چاڙهيندا آهن. اڄڪلھہ پلاسٽڪ جو آوازي کوکو بہ ٺھي ٿو ۽ کل بہ پلاسٽڪ جي چاڙهي وڃي ٿي. آوازي کوکو ڏانڊيءَ سان جڙيل هوندو آهي. هن ۾ وڄت جون ٽي تارون استعمال ٿينديون آهن.
ڪاٺ يا بانس جي هڪ ڏنڊي هوندي آهي، جنھن تي گهوڙي جي پڇ جا وار لڳل هوندا آهن، جيڪي گز جي هڪ سري کان ٻئي سري يا ڇيڙي تي ٻڌا ويندا آهن. ڪي شوقين وڄائڻ وارا سرنداين وانگر گز جي ڇيڙي تي لئي وٺڻ لاءِ گهنگهرو بہ ٻڌندا آهن. گز کي هڪ هٿ سان تارن جي مٿان ڦيرائبو آهي، جنھن ڪري آوازي کوکي مان خوبصورت آواز نڪرندو آهي، ٻئي هٿ سان فنڪار ڳنيءَ تي لڳل تارن تي ڄاڻ موجب آڱريون ڦيرائيندو آهي. آڱريون بندن تي هڻي هو پنھنجي پسند جو آواز ڪڍندو آهي.


لفظ ڪماچھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو