ڪمبوھہ

ڪمبوھہ (ذات): هن ذات وارا سنڌ ۽ پنجاب ۾ رهائش پذير آهن. انهن مان ڪي پاڻ کي ايراني تہ ڪي غزني کان آيل ٻڌائيندا آهن. پر ڪن محققن هنن کي راجا ڪرن جي نسل مان ڄاڻايو آهي. ايليٽ جي مطابق ڪابل جو سنسڪرتي نالو ڪمبوج آهي. ڪمبوج سنڌ ۽ هند ۾ مختلف طريقي سان استعمال هيٺ رهيو آهي، جنھن کي سڀ کان پھريان يا سڪ استعمال ڪيو آهي، جيڪو بنيادي طور ٻن لفظن ڪم ۽ ڀوڄ جو مرڪب آهي. ڪمبوھہ ذات تي تحقيق ڪندڙن مطابق ”ڪم“ جون ٻہ معنائون آهن، هڪ خوبصورت، سٺو، وڻندڙ ۽ ٻي معنيٰ ڪمبل ۽ ڀوڄ آهي. کائڻ يا استعمال ڪرڻ، مطلب تہ سٺيون شيون استعمال ڪرڻ وارا، لذيذ کاڌو کائڻ وارا. اهڙي ريت ڪمبوھہ کي ڪن محققن کشتري، ڪن ڪمبوھہ ملڪ کان آيل، ڪن آريا نسل مان ڄاڻايو آهي پر اياز ڀاڳت موجب هي نہ ايراني آهن، نہ وري عرب، نہ ڪي افغانستان يا غزني کان آيا نہ وري آريا نسل جي ڪا شاخ ۽ اولاد آهن. درحقيقت هي قديم سنڌ جي قديم سنڌين جو نسل آهي. ڪمبوج يا ڪمبوھہ بہ مختلف لساني، معاشي ۽ جاگرافيائي علائقن ۾ ورهائجي ويا. هنن جو تعلق واپار ۽ زراعت سان هو. درحقيقت ڪمبوج، ڪمبوچ ۽ ڪمبوھہ وغيرہ نالو ئي ڪنھن علائقي کي واضح ڪري ٿو. قديم سنڌ ۾ راجستان جي طرف کنڀل جو هڪ علائقو هو، جيڪو موجودہ ڪاٺياواڙ، گجرات ۾ هو ۽ قديمي دور کان بندرگاھہ رهيو آهي، جنھن جي رهواسين کي علائقي جي نسبت سان کنساتي، کنڀياتي سڏيو ويندو هو. مختلف حوالن مان معلوم ٿئي ٿو تہ ان علائقي جو نالو گجرات کان اڳ سوراشٽريه ان کان اڳ ۾ سورٺ، ان کان پھريان ڪس، ڪھرتا جو اصل ۾ نالو ڪمبئي هو، جيڪو ڪنب، يعني سامونڊي ڪن ۽ نار جي هجڻ ڪري، ڪمبئي سڏيو ويو ۽ اتان جي رهندڙ قديم قبيلي، ذات ۽ خاندانن کي ڪمبئي چيو ويندو هو، جيڪو بعد ۾ نسبت سان هن ذات وارا قديم سنڌي ذات ۽ قبيلي جي صورت ۾ سڏيا ويا. هنن جو انهيءَ علائقي سان تعلق هو، جتي خوشحالي، پاڻيءَ جي فراواني لذيذ کاڌا ۽ وافر مقدار ۾ ميوو موجود هو ۽ هڪ وڏي واپاري مرڪز هجڻ جي ڪري مختلف هنڌن ۽ ملڪن کان مختلف شيون اينديون هيون. انهيءَ ڪري ڪمبو، ڪموچھ ۽ ڪمبوھہ جي معنيٰ لذيذ ۽ پسنديدہ کاڌا کائڻ وارا ۽ اوني ڪپڙا پھرڻ وارا.


هن صفحي کي شيئر ڪريو