
ڪملا ڪيسواڻي
ڪملا ڪيسواڻي: هند ۽ سنڌ جي نامور گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي 27 آگسٽ 1934ع تي ڪراچيءَ شھر ۾ گوبند رام مدناڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس خاندان جو تعلق سکر شھر سان هو، جتي سندس والد ٽيليگراف سپروائيزر هوندو هو. هن سنڌيءَ سميت انگريزي جا چار درجا سکر شھر ۾ پي. پي گرلس اسڪول مان پاس ڪيا. ورهاڱي سبب سندس خاندان سنڌ ڇڏي هند هليو ويو. اُتي پھرين جوڌپور، بعد ۾ بيڪانير ۽ پوءِ جئہ پور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين. جتي هن پڙهائي پوري ڪرڻ کان پوءِ ٽيليفون آپريٽر جي نوڪري اختيار ڪئي. هن جو لاڙو شروع کان ئي فن ڏانھن هو. هن نوڪريءَ دوران سنڌي ايسوسيئيشن جي پليٽ فارم تان ڪجهہ پروگرامن ۾ پنھنجي فن جو مظاهرو ڪيو. جنھن ۾ کيس خوب داد مليو. هن فن جي باقاعدي شروعات ريڊيو تي ڳائڻ سان ڪئي. نامور موسيقار سي ارجن کانئس هڪ سنڌي فلم ’شل ڌيئر نہ ڄمن‘ لاءِ هڪ گيت ’آءٌ اچي مل منٺار تنھنجي وڇوڙي ماري آهيان‘ ڳارايو. هن کي ڪوهياري، سورٺ راڳ ۽ سنڌي ڀيروي تي عبور حاصل هو. هن 9 مئي 2009ع تي جئہ پور ۾ وفات ڪئي.
1934.08.27 عيسوي
هند ۽ سنڌ جي نامور گلوڪاره ڪملا ڪيسواڻي 27 آگسٽ 1934ع تي ڪراچيءَ شھر ۾ گوبند رام مدناڻي جي گهر ۾ جنم ورتو.
2009.05.09 عيسوي
ڪملا ڪيسواڻي 9 مئي 2009ع تي جئه پور ۾ وفات ڪئي.