ڊاڪٽرڪملا گوڪلاڻي

ڊاڪٽرڪملا گوڪلاڻي

ڪملا گوڪلاڻي ڊاڪٽر

ڪملا گوڪلاڻي، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي 16 جون 1950ع تي اجمير راجسٿان ۾ نارائڻداس ڌنجاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس تعليم ايم. اي (هندي 1976ع، راجسٿان يونيورسٽي)، پي. جي ڊپلوما (جرنلزم 1980ع، راجسٿان يونيورسٽي)، ايم. اي (سنڌي 1982ع، بمبئي يونيورسٽي)، ايم. ايڊ (1990ع، ايڇ. پي يونيورسٽي، شملا) ۽ پي. ايڇ. ڊي (سنڌي ادب 1993ع، بمبئي يونيورسٽي) آهي. سندس پي. ايڇ. ڊي مقالي جو عنوان ’سنڌي ڪوتا ۾ قدرت جو چٽ‘ آهي. ڊاڪٽر ڪملا استاد طور 1980ع کان پڙهائڻ شروع ڪيو، جتان ليڪچرر طور 2010ع ۾ رٽائر ڪيائين. هن لکڻ جي شروعات ننڍپڻ ۾ ڪھاڻيون لکڻ سان ڪئي. هن مضمون ۽ تحقيقي مقالاب لکيا. ڊاڪٽر ڪملا جا هن وقت تائين 16 طبعزاد ۽ ٻيا ڪيترائي ترجمو ٿيل ڪتاب ڇپجي چُڪا آهن. طبعزاد ۾ گهڻو تعداد سنڌي ڪتابن جو آهي. ان کانسواءِ هن ديوناگريءَ ۾ بہ لکيو آهي. سندس ڇپيل ڪتابن ۾’حادثي کان پوءِ‘ (ڪھاڻيون: 1984ع)، ’راجسٿان جي سنڌي ساهتيہ جو جائزو‘ (تنقيد: 1985ع)، ’فيصلو ٿيڻ تائين‘ (ڪھاڻيون: 1986ع)، ’هوندا سي حيات‘ (بايوگرافي: 1987ع)، ’نظر ثاني‘ (تنقيد: 1989ع)، ’درسي ڪتاب'>سنڌي درسي ڪتاب‘ (1991-95ع) ڇھين کان اٺين تائين. ’مخرت مئون‘ (هندي ڪھاڻيون: 1992ع)، ’ڊائريا جو سچ‘ (تنقيد: 1993ع)، ’نظرثاني‘ (ٻيو ڀاڱو: 1995ع) ’اظھار‘ (ادبي مضمون: 1996ع) ’ادبي تاثرات‘ (تنقيد: 1998ع)، ’سنڌي ساهتيہ ۾ سمپراديڪ سدڀاو‘ (تحقيق: هندي: 1999ع)، ’سنڌي ڪوِتا ۾ قدرت جو چِٽ‘ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز:2001ع)، ’ادبي ڪٿ‘ (تنقيد: 2002ع)، ’سائو ٿيل گاھہ‘ (ڪھاڻيون: 2003ع)، ’شاھہ جو شعر‘ (ادبي تنقيد: 2007ع)، ’ساهتيڪ ڪھاڻيون‘ (درسي ڪتاب: 2007ع)، ’اولھه راجسٿاني ۽ سنڌي‘ (ادبي تنقيد: 2010ع)، ’توم نہ اڪيلي‘ (ديوناگري شاعري: 2011ع)، ’سائو ٿيل گاھہ‘ (ديوناگري ڪھاڻيون: 2012ع)، ’متان ڪرين ماٺ‘ (ديوناگري ۽ سنڌي ڪھاڻيون: 2014ع) اهم جاءِ والارين ٿا. ان کانسواءِ ترجمي ۾: ’اپني اپني وواسٿا‘ (ڪھاڻيون: 1987ع، سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، ’سنڌي ڪوِتا ۾ ويدانت‘ (تحقيقي مقالا: 1993ع، سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، ’ڪبير رچناولي‘ (2004ع، هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو.)، ’سنڌ ڪھاڻي ڪي. آر ملڪاڻي‘ (تاريخ: 2005ع، انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو)، ’سنت ڪبير‘ (2011ع، هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو)، ’شھيد هيمون ڪالاڻي‘ (2012ع، سنڌيءَ مان هنديءَ ۾ ترجمو)، ’سماجي، سائنسي ۽ مئٿميٽڪس درسي ڪتاب‘ (سنڌيءَ مان هندي ۽ هنديءَ مان سنڌيءَ ۾ ترجمو). پاڻ ادبي مئگزين ’رچنا‘ جي ٽي سال ايڊيٽر، ’ريحان‘ جي ڇھه سال ايڊيٽر رهي آهي. وردائي هندي ادبي جرنل جي پنج سال ايڊيٽر، جي. ايس. اي مئگزين جي سنڌي سيڪشن جي پنج سال انچارج رهي. ’آتم درشن‘، (هندي ۽ سنڌي) جي 1998ع کان لڳاتار ايڊيٽر آهي. ڊاڪٽر ڪملا مختلف علمي ۽ ادبي ادارن جي ڪميٽين جي ميمبر پڻ رهي آهي، جن ۾: راجسٿان سنڌي اڪيڊمي، جئپور، سنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ'>اکل ڀارت سنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ پرچار سڀا، ساهتيہ اڪيڊمي، نيو دهلي، ميمبر آف ايگزيڪيوٽو ڪميٽي ۽ فنانس ڪميٽي نيشنل ڪائونسل فار پروموشن آف سنڌي لئنگئيج، ايگزيڪيوٽو ميمبر ۽ چيئرپرسن ايڊيوڪيشن ونگ اکل ڀارت سنڌي ٻولي ساهت سڀا بمبئي. چيئرپرسن آل انڊيا سنڌي مھيلا سماج سرسوتي سڀا راجسٿان ساهتيہ اڪيڊمي، اُڌيپور، بورڊ آف اسٽڊيز-سنڌي (B.S.E., Rajasthan) 1992 کان 1993ع تائين ۽ ٻيو ڀيرو 2009 کان 2012ع تائين، ماهر، نصاب ڪميٽي سنڌي (R.A.S. Exams of R.P.S.C) اجمير، 1994ع کان اُڌيپور، بڙودا، جوڌپور ۽ گجرات يونيورسٽيون شامل آهن. هُوءَ آل انڊيا ريڊيو جي براڊ ڪاسٽر ۽ ٻين ڪيترن علمي ادبي ادارن جي ميمبر رهي. علمي ادبي خدمتن جي اعتراف طور لاتعداد ايوارڊ، شيلڊون ۽ انعام مليل اٿس، جن ۾: بيسٽ رائيٽر آف راجسٿان ايوارڊ، (ٽي ڀيرا راجسٿان حڪومت)، هرومل سدارنگاڻي نيشنل گولڊ ميڊل ادبي مڃتا ايوارڊ (1995ع)، راجسٿان جي پھرين سنڌي عورت ڊاڪٽريٽ جي اعتراف طور اين. سي. پي. سي. ايل پاران 50 هزار رپيا قومي ايوارڊ (چيف منسٽر راجسٿان هٿان)، آل انڊيا سنڌي جرنلسٽس ايسوسيئيشن اندور پاران 1995ع ۾ جرنلزم ايوارڊ، ڪھاڻين جي مجموعي ’اظھار‘ تي حڪومت پاران 15 هزار روڪ انعام 1999ع، ڪبير رچناولي شاعريءَ جي سنڌي مان هندي ترجمي تي ساهتيہ اڪيڊمي گورنمنٽ آف انڊيا پاران بھترين ترجمي جو 20 هزار رپيا روڪ انعام شامل آهن. ثقافت کاتي هند پاران ”سنڌي آتم ڪٿائن جو اڀياس“ موضوع تي ٻن سالن لاءِ هوءَ سينئر فيلوشپ منظور ٿيل آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1950.06.16  عيسوي

ڊاڪٽر ڪملا گوڪلاڻي 16 جون 1950ع تي اجمير راجسٿان ۾ نارائڻداس ڌنجاڻيءَ جي گهر ۾ جنم ورتو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

صدرالدين ميمڻ
خير محمد لغاري
ثاقبه رحيم الدين
خدابخش سومري جي درگاھہ
بدر الدين زاهدي
پاراشر
ديوان شيوارام ڏيون مل وزيراڻي
پنا لال گهوش بانسري نواز
اميد علي شاھہ رضوي سياستدان
رسول بخش خان گبول
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون