
ڪمند
ڪمند: ڪمند دنيا جو اهم کنڊ ۽ ڳُڙ پيدا ڪندڙ فصل آهي. ڪمند پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ پاڪستان جي ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ ۾ ڪمند گهڻو ٿئي ٿو. ڪمند جو ٻوٽو 8 کان 10 فوٽ ڊگهو ٿيندو آهي. دنيا جي ملڪن ۾ هي فصل 2000 کان 2500 مڻ في ايڪڙ پيداوار ڏئي ٿو، پر سنڌ ۾ 400 کان 2000 مڻ في ايڪڙ جي حساب سان پيداوار ڏئي ٿو. هن جا پن مال کي چاري طور ڏنا ويندا آهن. سنڌ ۾ هن جي پوکيءَ جي وڌيڪ شروعات 1932ع ۾ سکر بئراج جي ٺھڻ سان ٿي. 1960ع ۾ ٽنڊو محمد خان ۾ ۽ پوئين ٻين شگر ملن جي کُلڻ ۾ واڌ ايندي رهي تہ ڪمند جو فصل بہ گهڻو پوکيو وڃڻ لڳو. هن فصل جي پوکي سال ۾ ٻن وقتن، بھار يعني 15 فيبروري کان 31 مارچ ۽ سرءُ يعني 15 آگسٽ کان 30 سيپٽمبر تائين ڪئي ويندي آهي. بھار واري فصل جي ڀيٽ ۾ سرءُ جو فصل وڌيڪ اپت ڏئي ٿو. هن فصل جي پوکيءَ لاءِ چيڪي ۽ وارياسي زمين گهربل هوندي آهي. ڪمند جي پوکي لاءِ هي زمين جي تياريءَ ۾ 3 کان 4 سُڪيءَ جا هر ڏيئي، مٿان راجا هر ڏيئي، ڀتر ڀڃي زمين کي تيار ڪبو آهي. پوءِ 90 کان 100 سينٽي ميٽرن جي مفاصلي تي 7 کان 8 انچ اونهيون اوڙون ڪڍبيون آهن. پوکي گُرين ذريعي ڪئي ويندي آهي، جيڪي 7 کان 8 مھينن جي بيٺل فصل مان ورتيون وينديون آهن. ڪمند پوکائيندي/پوکيندي هڪ کان ٻئي ٻوٽي تائين وٿي اڌ کان منو فوٽ هئڻ گهرجي. زمين جي گهرج موجب ڀاڻ ڏيڻ بہ ضروري هوندي آهي. آبھوا ۽ زمين جي لحاظ کان اتر سنڌ ۾ ڪمند کي 16 کان 20 پاڻي ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ 22 کان 24 پاڻي ڏنا ويندا آهن. پھريون پاڻي پوکي کان پوءِ جلد ڏبو، ان کان پوءِ پاڻي لاڳيتا 4 انچ جي حساب سان، اونهاري ۾ 7 کان 10 ڏينھن جي وقفي سان ۽ سياري ۾ 10 کان 15 ڏينھن جي وقفي سان ڏبا. ٽي پاڻي ڏيڻ کان پوءِ فصل مان گاھہ ڪڍڻ جو سلسلو شروع ڪيو ويندو، جيڪو ڪٽائي تائين لڳاتار هلندو رهندو آهي. هر ٻئي پاڻي بعد تر جي مٽي ڪوڏر سان پٽي ٻوٽي جي پاڙ ۾ ڏني ويندي آهي. مٽي فصل جي حالت مطابق ٽي يا چار ڀيرا ڏني ويندي آهي. ڪمند جي فصل تي مختلف جيتن جو حملو بہ ٿيندو آهي، جن کان بچائڻ لاءِ مختلف دوائن جا ڦوهارا پڻ ڪيا ويندا آهن. ٻوٽي جي هيٺين اڌ جا پن سڪي ويندا آهن، تہ ڪٽائي ڪئي ويندي آهي. ڪٽائي کان هڪ مھينو پھرين پاڻي ڏيڻ بند ڪيو ويندو آهي. سنڌ ۾ هن وقت ڪمند جي پيڙهائي ۽ کنڊ جي تياريءَ لاءِ 30 کان وڌيڪ کنڊ جا ڪارخانا (شوگر ملز) هلي رهيا آهن.