ڪمون شھيد (شھر): هي گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي اوٻاوڙي ۾، اوٻاوڙي شھر کان 10 ڪلو ميٽرن قومي شاهراھہ تي، سنڌ پنجاب جو سرحدي شھر آهي، جتان کان پنجاب جون حدون شروع ٿين ٿيون. هن شھر جو بنياد ڏهر قبيلي جي ماڻهن رکيو، جن شروع ۾ ڳوٺ اڏيو ۽ پوءِ آبادي وڌڻ ۽ مارڪيٽ ٿيڻ کان پوءِ شھر جي صورت اختيار ڪري ويو. شھر جي آباد ٿيڻ وارن شروعاتي ڏينھن ۾ ڌاڙيلن ڦرلٽ لاءِ حملو ڪيو، جن سان ڳوٺاڻن مزاحمت ڪئي ۽ ڪمون نالي هڪ شخص ڌاڙيلن جي پويان پيو ۽ سخت ويڙھہ کان پوءِ مارجي ويو. تنھن کان پوءِ هن شھر جو نالو ’ڪمون شھيد‘ رکيو ويو. هن شھر کي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. شھر جي آدمشماري اٽڪل 1500 کان وڌيڪ آهي.