ڪميل نانجياڻي

ڪميل نانجياڻي

ڪميل نانجياڻي

ڪميل نانجياڻي: مشھور مزاحيہ اَداڪار ڪُميل نانجياڻي جو جنم 02 مئي 1978ع تي ڪراچيءَ ۾ اَعجاز نانجياڻي جي گهر ۾ ٿيو. هن اِبتدائي ۽ ثانوي تعليم ڪراچيءَ جي تعليمي اِدارن ’مشعل ڪنوينٽ اِسڪول‘ ۽ ’ڪراچي گرامر اِسڪول‘ مان حاصل ڪئي ۽ اَرڙهن سالن جي عمر ۾ آمريڪا ويو، جتي رياست ’آئيوا‘ جي ’گرينيل ڪاليج‘ مان 2001ع ۾ گريجوئيشن ڪئي. هن اَداڪاريءَ جي شروعات شڪاگو ۾ هڪ ’ون مين شو‘ کان ڪئي، جيڪو هن پاڻ ئي تحرير ڪري اِسٽيج تي پيش ڪيو، جيڪو بعد ۾ نيويارڪ ۽ ’لاس اينجلس‘ ۾ بہ پيش ڪيائين. ڪميل نانجياڻي هينئر تائين ڪيترين ئي آمريڪي فلمن، ٽي وي ڊرامن ۽ ويب سيريز ۾ ڪم ڪري چڪو آهي. هن سڀ کان وڌيڪ شھرت HBO ٽي.وي جي ڪاميڊي سيريل مان حاصل ڪئي. کيس 2017ع ۾ آمريڪا جو ’ڪاميڊي اسٽار آف دي ايئر‘ جو اوارڊ بہ ڏنو ويو، کيس اُهو اوارڊ سندس ئي زندگيءَ جي پس منظر ۾ تيار ڪيل فلم ’دي بگ سڪ‘ تي ڏنو ويو. ڪميل نانجياڻي 2007ع ۾ آمريڪي ليکڪ ۽ اداڪارہ ’ايملي وي گورڊن‘ سان شادي ڪئي.


لفظ ڪميل نانجياڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1978.05.02  عيسوي

مشھور مزاحيه اَداڪار ڪُميل نانجياڻي جو جنم 02 مئي 1978ع تي ڪراچيءَ ۾ اَعجاز نانجياڻي جي گهر ۾ ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

هوش محمد شيدي
بلوچ ڊاڪٽر عبدالحئي
بابا بھار بخش خان
ڏهراج حاجي غلام نبي
جامي شيخ احمد جام
پير ميان غلام نبي پنيل
رشيد عطري
ضياء الدين نخشبي
پلي عبدالخالق عبد
بدر ڌامراهو ڊاڪٽر
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون