ڪناسرو قناصرو

ڪناسرو/قناصرو (ذات): ڪناسرا ذات وارا صل ۾ سرائڪي علائقي جا باشندا آهن، جيڪو قديم سنڌ جو حصو رهيو، سنڌ ۾ اڪثر ذاتين کي سماٽ ۽ پنجاب ۾ جاٽ چيو وڃي ٿو. هي پنجاب ۾ جاٽ وارن ذاتين ۾ شمار ٿين ٿا ۽ سنڌ ۾ هن ذات وارن کي سرائڪي ڳالهائيندڙ ذاتين ۾ ڳڻيو وڃي ٿو. هن ذات وارا درياھہ يا واهڙ جي اهڙي ڪناري تي ويٺا هئا، جتي سر ۽ ڪانَ جام ٿيندا هئا يا انھن جو جهنگ هوندا هئا، جنھن ڪري انھن جي سڃاڻپ ٿي سرن ۽ ڪانن جي جهنگ وارا ۽ پوءِ انھن جي ذات بڻجي ويئي ۽ هو ڪناسرا سڏيا ويا، جنھن جو مطلب آهي سرن ۽ ڪانن وارا ۽ واهڙ جي ڪناري تي رهندڙ. حقيقت ۾ هي ابڙن ۾ شمار ٿين ٿا، جن جو گذر بسر درياھہ جي پاڻيءَ تي آبادي ڪرڻ سان هو، پر جيئن تہ هي سري واري علائقي سان تعلق رکندڙ هئا، جتي عام طور ٻولي سرائڪي ڳالهائي وڃي ٿي، تنھن ڪري کين سرائي سڏيو ويو. هنن جا لاڙڪاڻي شھر ۾ چند گهر آهن، جن کي پنھنجي ذات بابت ڪا بہ ڄاڻ ڪونھي. هو سنڌي ۽ سرائيڪي ڳالهائين ٿا. ڪناسرا هاڻي سنڌ جي ذاتين جو حصو بڻجي ويا آهن، جيڪي اٽڪل ٽن سؤ سالن کان سنڌ ۾ آباد آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو