ڪنب (شھر): خيرپور ميرس کان 35 ڪلو ميٽر ڏکڻ اولھه طرف قومي شاهراھہ تي موجود هڪ شھر، جيڪو شادڻ خان مري نالي هڪ شخص ٻڌايو هو. شھر کي هن وقت ٽائون ڪاميٽيءَ جي حيثيت مليل آهي. ڪُنب جي لفظي معنيٰ اهڙي کڏ يا کاهي، جتي پاڻي جمع ٿئي. شروع ۾ تمراڻي ذات جا ڪجهہ ماڻهو اُٺن تي لڏا کڻي اچي هتي آشيانا اڏي ويٺا ۽ پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ تڙ (کوھہ) کوٽيائون. واهن ۽ شاخن جي کوٽائيءَ بعد هتان جي ماڻهن زمينون کنيون ۽ مستقل رهائش اختيار ڪئي. تاريخي لحاظ کان ڏٺو وڃي تہ هي سومرن جي دور کان بہ آڳاٽو آهي، ڇاڪاڻ جو همير سومري بابت هڪ ڏند ڪٿا هن شھر سان منسوب آهي. همير سومرو مومل ماڻڻ لاءِ پنھنجي قافلي سان گڏجي ڪنب پھتو. جنھن رستي کان هو لنگهيو، اهو ڪنب-نوابشاھہ روڊ اڄ بہ مشھور آهي. شھر جي چوطرف ننڍا ننڍا ڳوٺ ۽ آباديون آهن ۽ انهن سڀني جو خريداري مرڪز ڪنب آهي. هي سٺو واپاري مرڪز آهي. مقامي ماڻهن جو گهڻو تعداد هارپي سان لاڳاپيل آهي. پر هتي واڍا، لوهار، سونارا ۽ رازا بہ گهڻا رهن ٿا. هتي هر خميس تي سنڌ جي ٽيون نمبر وڏي مال جي پڙي لڳندي آهي.