ڪنب سبزو ڊرھه (ماڳ): ھي ماڳ ڪافر ڪوٽ، ميان جو ڪوٽ ۽ پيراسر ڏانھن ويندڙ رستي تي سبزو ڊرھه ٽڪري ۽ چاڪر گهٽ ويجهو تعلقي جوھي، ضلعي دادوءَ ۾ آهي. ھن ماڳ جي ڀرسان چشمو آھي. ھتي سرمائي مائل ڳاڙھي ناسي پٿر تي اُڪر ٿيل آھي. شاھي گهوڙي جي تصوير جي اُڪر، گهوڙي جي اڳين ۽ پوئين ٽنگ تي سج جي علامت جهڙو چڪرو نقش آھي. اھو چڪرو ھندومت وارو سوريه يا ٻڌمت وارن جو ٻڌ چڪر آھي. پٿر جي ساڄي پاسي ٻہ تصويرون آھن، جيڪي سواستيڪا جون آھن. وچ ۾ عورت جي تصوير ائين چٽي وئي آھي، ڄڻ اھا ناچ ڪري رھي آھي. عورت ۽ سواستيڪا جون تصويرون شڪتي پوڄا ڏانھن اشارو ڪن ٿيون. ھتي ٿوھي واري ڍڳي جون تصويرون گهڻيون چٽيل آھن، جيڪو ڪنھن ٻئي جانور کي پيرن ھيٺان ڪيو بيٺو آھي. هي ماڳ پٿر جي وچئين دؤر سان تعلق رکي ٿو. ان کانسواءِ ماڻهوءَ کي ھڪ سنڱي جانور تي سواري ڪندي ڏيکاريو ويو آھي. ھتي جنگ جي ديوتا لاءِ گول مٿان تير واري علامت بہ اڪريل آھي.