ڪنجرو/ڪنجري (ويس): زالن جي پائڻ لاءِ ڀرت ڀريل هڪ قسم جو چولو/لباس، جيڪو سيني تي بيھي، ان جي هيٺان واري ڪپڙي کي پيٽي سڏين، جيڪو گوڏن تائين ٿئي ۽ پويان واري ڪپڙي کي پُٺ سڏيو ويندو آهي. سگهڙ عورتون ڏيڍ فوٽ ويڪرو، ڏيڍ فوٽ ڊگهو ڪپڙو، جنھن تي ميٽ ڳاري ان تي سُئي يا ڪنھن ڪاٺيءَ جي مدد سان نقشو ٺاهي ان مٿان مُڪي ۽ ٽڪن سان ڀرت ڀرينديون آهن ۽ خوبصورتي لاءِ پشم جا ٽونئر پڻ مڙهيا ويندا آهن. ڀرت ڀريل ڪنجرو هوندو آهي، جڏهن تہ ڪنجري سادي هوندي آهي.