ڪنجهيجيءَ جو ڀڙو (دڙو): هي تاريخي ماڳ ضلعي عمرڪوٽ جي تعلقي ساماري ۾ پراڻي ڪنجهيجيءَ ڳوٺ کان اتر ۾ فرلانگ پنڌ تي واقع آهي. هن دڙي جي چوڌاري ڪوٽ هو. ڪوٽ جي ڪناري تي ڪانسيءَ جي ڪُنگري ٻَڌائي وئي هئي. ڪانسيءَ کي ڪَنجهو بہ چوندا آهن، ان حوالي سان هن ڪوٽ کي ڪنجهي جي ديوار سڏڻ لڳا. اهو شھر هاڪڙي درياھہ جي ڪناري تي آباد هو، جيڪو شايد هاڪڙي ٻوڙي ڇڏيو. وقت گذرڻ سان ڪنجهيجي ديوار مان لفظ ديوار مٽجي ويو جنھن کي هن وقت صرف پراڻي ڪنجهيجي چيو وڃي ٿو.