ڪنجهيون يا ٽليون

ڪنجهيون يا ٽليون (ساز): تال جو هي عوامي ساز ڪيترن ملڪن ۾ وڄايو وڃي ٿو. سنڌ ۾ هن ساز وڄائڻ وارا ڪاريگر استاد اڄ بہ موجود آهن. پتل جا ٻہ ننڍا ڪٽورا يا ڪٽوريون آهن، جن جي پٺئين پاسي هٿن ۾ جهلڻ لاءِ بنبٽيون ٿين. ڪنجهين کي هٿن سان پاڻ ۾ ٽڪرائي تال پيدا ڪبو آهي. ڪاريگر هنن ۾ سڳو يا سوتلي ٻڌي، سوتلي هٿن تي ڦيرائين، جو انھن جي ٽڪرائجڻ سان سُريلو تال پيدا ٿئي ٿو. ٽليون ڳائڻ وارن سان گڏ وڄايون وڃن ٿيون پر اڪيلي وڄائڻ ۾ بہ لطف پيدا ڪن ٿيون. ٿر ۾ هن کي ’ڪانسيا‘ سڏيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو