ڪنداھہ

ڪنداھہ (ٻيلو): سيوهڻ لڳ موجود ڪنداھہ ٻيلو جيڪو ’اونداھہ ٻيلو‘ جي نالي سان بہ سڏجي ٿو. سنڌ ۾ هن ٻيلي جو وڏو نالو هو ۽ وڏو شڪارگاھہ هو. انگريزن لاءِ شڪار گاھہ طور وڏي اهميت رکندڙ هو. ڦاڙها ۽ تتر، هن ٻيلي ۾ عام جام ملندا هئا. شھيد بينظير ڀٽو جي دور ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاھہ هن ٻيلي جي وچ تي ’ڇت‘ واري علائقي ۾ شڪارگاھہ نالي هڪ پوائنٽ پڻ ٺھرائي هئي. اتي هڪ وڏو عاليشان بنگلو ٺھيو، جتي بجليءَ جي سھوليت ميسر ڪري ڏني وئي. ٻارهن سئو ايڪڙ ايراضي زمين تي جهنگ جي جانورن جا پڃرا ۽ دڙا ٺھرايا ويا، پر عبدالله شاھہ جو دؤر ختم ٿيو تہ هلندڙ ڪم رڪجي ويو. بعد ۾ ٻيلي جي غير قانوني واڍي بہ شروع ٿي وئي هن وقت ٻيلي جو اهو اوج نہ رهيو آهي ۽ ٺھيل پوائنٽ جا رڳو ڪي نشان وڃي رهيا آهن.


لفظ ڪنداھہھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو