ڪنري (شھر): 1939ع ۾ شھر جي ترقي لاءِءَ سينيٽري ڪميٽيءَ جو بنياد پيو، جنھن کي 1944ع ۾ نوٽيفائيڊ ايريا ڪميٽيءَ جو درجو ڏنو ويو. پاڪستان جي قيام بعد هِتان جا سنڌي هندو ۽ سک شھر ڇڏي ويا، جن جي جاءِ هندستان جي مختلف علائقن مان آيل مسلمانن والاري. ان وقت قاضي محمد سلطان مومن علائقي جي تعليمي ترقيءَ لاءِ ذاتي خرچ تي 14 ڪمرن تي مشتمل پرائمري اسڪول، شاگردن لاءِ هاسٽل ۽ مسجد ٺھرائي. 1952ع ۾ شھر کي ٽيليفون جي سھولت ملي. 1957ع ۾ پوليس پوسٽ قائم ٿي. ڪيترائي اسڪول کليا، لائبرريون قائم ٿيون ۽ پارڪ پڻ ٺھيا. 1966ع ڌاري 20 ڪوارٽرن تي مشتمل مجاهد ڪالوني جو بنياد پيو. 1961ع ۾ اناج منڊي ۽ 1968ع ۾ مرچ منڊي قائم ٿي، جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي مرچ منڊي چئي وڃي ٿي. 1937ع ۾ ڪپھه ٽاڻڻ جو پھريون ڪارخانو (سنڌ ڪاٽن جننگ فيڪٽري) ۽ پوءِ حاجي حاجن اينڊ سومار ڪاٽن جننگ فيڪٽري جي نالي سان ٻيو ڪارخانو قائم ٿيو، جيڪو پوءِ حاجي نثار ڪاٽن فيڪٽري جي نالي سان مشھور ٿيو. ان کانسواءِ شريف سالونٽ پلانٽ 2005ع ۾ لڳو، شھر ۾ مال پڙي، سبزي منڊي، گوشت منڊي ۽ فروٽ بہ آهي. شھر ۾ ’بيبي مٺي ‘ جي نالي سان هڪ تاريخي قبرستان بہ آهي.