
ڪنوار ٻوٽي
ڪنوار ٻوٽي (Aloe Vera): هيءُ هڪ قسم جو رسدار ٻوٽو آهي، هن ٻوٽي کي انگريزي زبان ۾ Aloe Vera ۽ اردو ۾ گوار پاٺا چيو ويندو آهي. Aloe vera جي ٻين جنسن ۾ ‘Chinese Aloe’، ‘Indian Aloe’، ‘True Aloe’، ‘Barbados Aloe’، ‘Burn Aloe’، ‘First Aid Plant’ وغيرہ شامل آهن. Alo Vera جي صفتي لفظ Vera جي معنيٰ آهي سچو ۽ خالص. هن ٻوٽي جي پاڙ وٽ تمام ننڍڙو ڏسڻ ۾ ايندڙ ٿڙ (Stem) ٿيندو آهي، جنھن ۾ پاڙ وٽان لڳ ڀڳ 60 کان 100 سينٽي ميٽر (24-39 انچ) قد جون، ٿلهيون، ماس ۽ لئيدار رس سان ڀريل ٿلها پن هوندا آهن. جيڪي جهڳٽي جي صورت ۾ هوندا آهن. اِهي پنن جي هيٺئين حصي ٿلها ۽ ويڪرا هوندا آهن ۽ انهن جون چوٽي ۾ سنھيون هونديون آهن. پاسي وارن ڪنارن تي ننڍا ننڍا ڪنڊا ٿين ٿا. ڪنوار ٻوٽي جو لئيدار رس (Gel) خاص ڪري سينگار وارين شين (Cosmetics, Lotions) وغيرہ کي نرم رکڻ ۽ چمڙيءَ جي بيمارين کان حفاظت ۽ خاتمي لاءِ دوا طور بہ استعمال ڪيو ويندو آهي. هن کي وارن جي ڊيگهہ، چمڪ ۽ خوبصورتي وڌائڻ لاءِ تيل، مينديءَ وغيرہ ۾ ملائي پڻ استعمال ڪيو ويندو آهي. ميڪ اپ، صابڻ، لوشن، سن اسڪرين، لوبان، شيونگ ڪريم ۽ شيمپو وغيرہ ۾ بہ گهڻي ڀاڱي استعمال ڪيو ويندو آهي. ٻارھن مھينا ٿيندڙ هن ٻوٽي جي تاثير ٿڌي هوندي آهي. هن جو رنگ سائو (Green) ۽ ذائقو ڪڙو هوندو آهي. اڪثر ماڻهو خوبصورتي ۽ ذاتي استعمال لاءِ ڪنوار ٻوٽيءَ جون ڪونڊيون پنھنجن گهرن ۾ رکندا آهن. هي ٻوٽو ننڍي کنڊ ۾ وسيع پئماني تي ٿيندو آهي. دوائن ۾ ڪنوار ٻوٽيءَ جو استعمال گهڻو ڪيو ويندو آهي. خاص ڪري سنڌن جي سور لاءِ گهڻو مفيد آهي.