ڪنواٺي: سنڌ جي ڳوٺن توڙي شھرن ۾ جتي واٽر سپلاءِ جي سھوليت مُيسر ناهي، اتي پاڻي ڀرڻ لاءِ ڪنواٺي جو استعمال عام ٿيندو آهي. ڳوٺن ۾ پري وارن کوهن تان اڪثر ڪري گڏهن يا اُٺن تي پاڻي ڀريو ويندو آهي. ويجهڙائي وارن کوهن تان عورتون مٿي تي دلن ذريعي ۽ مرد ڪنواٺي ذريعي دٻن ۾ پاڻي ڀرن. ڪنواٺي چار فوٽ سڌي گهڙيل ڪاٺي ٿئي، جنھن جي ڇيڙن وٽ اڍائي فوٽ جا رسا ٻڌل هوندا آهن. انهن رسن ۾ 20 کان 30 ليٽر جا دٻا ٻڌبا آهن. پاڻي ڀرڻ بعد ڪنواٺي ڪنڌ وٽ ٻنهي ڪلهن تي کڻبي آهي. اهڙي ريت وچ واري ڪاٺي جي ڇيڙي تي ٻڌل ڏٻا، هڪ ساڄي تہ ٻيو وري کاٻي پاسي کان کڙڪندو رهندو آهي.