ڪنور نويد جميل

ڪنور نويد جميل

ڪنور نويد جميل

ڪنور نويد جميل: ڪنور نويد ولد ڪنور جميل احمد 15 مارچ 1964ع تي ڪراچيءَ ۾ ڄائو. جناح لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل. ايل. بي جي ڊگري حاصل ڪيائين. 1990ع جي چونڊن ۾ پھريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 2002ع جي عام چوندن ۾ صوبائي تڪ پي. ايس 106 (ڪراچي- XVIII) تان ايم. ڪيو. ايم جي اميدوار طور سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. 2005ع ۾ کيس حيدرآباد ضلعي جو ميئر چونڊيو ويو. 2015ع جي ضمني چونڊن ۾ قومي اسيمبليءَ جي تڪ 246 (ڪراچي- VIII) تان قومي اسيمبليءَ جو ميمبر ۽ 2018ع جي چونڊن ۾ ڪراچي سينٽرل (7) جي تڪ پي. ايس 127 تان ايم. ڪيو. ايم جي اميدوار طور صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. ايم. ڪيو. ايم پاران سنڌ اسيمبليءَ ۾ پارلياماني ليڊر بہ رهيو. 17 آگسٽ 2023ع تي برين هيمرج سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1964.03.15  عيسوي

ڪنور نويد ولد ڪنور جميل احمد 15 مارچ 1964ع تي ڪراچي ۾ ڄائو.


2023.08.17  عيسوي

ڪنور نويد جميل 17 آگسٽ 2023ع تي برين هيمرج سبب ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

گرو تيغ سنگهہ بھادر
آچار ڪاڪو
اختر اديب
چشتي مجاهد
قربان منگي
رامچندر ڀڳت
عمرالدين زرداري
ڇتراڻي محمد امين
جھان بانو
آغا ابراهيم شاھہ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون