ڪنٺو پرڳڻو

ڪنٺو (پرڳڻو): ٿر جو هي ڀاڱو تعلقي ننگرپارڪر جو اتر ۽ اوڀر، ڇاڇري تعلقي جو ڏکڻ ۽ مٺي تعلقي جو اوڀر وارو حصو والاري ٿو. ڪنٺي ۾ ڪيئي ڳوٺ اچي وڃن ٿا. ڳوٺاڻا عام طور ’ڪٺو‘ ڪري اُچارين ٿا. ڪنٺو ڇاڇري، اسلام ڪوٽ ۽ ننگر پارڪر ٽنهي تعلقن جي وچ ۾ ايندڙ ايراضيءَ ۾ اچي ٿو. ممڪن آھي ننگر پارڪر جو حصو وڌيڪ ھجي. اوڀر ۾ بارڊر تائين بلڪھ ڪن ڳوٺاڻن جو چوڻ آھي تھ بارڊر جي ھن پار واري ڪجهھ ايراضي پڻ ’ڪنٺي‘ ۾ اچي ٿي. انگريزن جي وقت ۾ ’ڪنٺي‘ جي چڱي طرح نشاندھي ٿيل ھئي. ھي تقريباً اسلام ڪوٽ جي ڳوٺ ’وڪڙيو‘، ننگر پارڪر جي ويراھھ واھھ ۽ ڇاڇري جي مبارڪ رند يا ان کان ڪجهھ ويجهي کان شروع ٿئي ٿو ۽ وچ ۾ ايندڙ سموري ايراضي کي ’ڪنٺو‘ چيو ويندو آھي. ڪنٺي جو مکيھ روڊ ڇاڇري کان ننگر پارڪر ويندڙ آھي. هن علائقي ۾ ڀِٽون پـُوريون پنيون، زمينون سٺيون ۽ آباديءَ لائق آهن. ٿر جي هن علائقي ۾وسڪاري وقت فصل سٺو ٿئي ٿو. هتي کوهه سئو فوٽن کان ويندي ڏيڍ سئو فوٽن تائين اونها آهن. کوهن جو پاڻي ڪي قدر ذائقي ۾ مٺو آهي. هن علائقي ۾ زمين هيٺان پٿريلا تھه آهن. ڪٿي ڪٿي کوهن جي کوٽائي ڪندي سئو فوٽن تي ڪاري سخت پٿر جو تھه اچي ٿو، جيڪو ٽوڙڻ ۾ ڏاڍو مشڪل ٿيو پوي. ڪڏهن ڪڏهن اهو تھه ڪٽيندي هيٺ ڪريو پوي ۽ پاڻي وڏي قوت سان مٿي اچيو وڃي. پوءِ انهي کوهه جي پاڻي جو هيٺ تر نه هوندو آهي. جيڪڏهن ڪا شئي انهي کوهه ۾ ڪري پئي ته ٻاهر نه ڪڍي سگهبي آهي. اهڙي کوهه کي ’ڊهه ڦاٽ کوهه‘ يعني جهجهي پاڻيءَ وارو کوهه چون. هن علائقي ۾ وڻن جو تعداد ٿورو آهي، پر وڻن جو قد ڊگهو آهي. هتي ڄارين جا وڏا وڻ آهن. جن جا پيرونءَ تمام مٺا ٿين ٿا، جيڪي سڄي ٿر ۾ مشھور آهن. هتي برسات وسڻ کانپوءِ سڄو علائقو سرسبز ٿيو وڃي. هي علائقو ٿر جي قديم تاريخي ماڳن سان ڀرپور آهي، جنھن ۾ ’ستي ڏهرا‘ ماڳ تاريخي اهميت رکي ٿو. لباس ۾ ھي خطو گهڻو ڀاڱي ’کائڙ‘ ۽ ’ڍٽ‘ جھڙو آھي. عورت گج، پڙو ۽ وڏي چوني پائي ٿي. نوجوان چولو، قميص ۽ شلوار پائين. ڪنٺي جي زمين گهڻي زرخيز هئڻ سبب هتي ٻاجهر ۽ گوار گهڻي ٿئي. مڱ، موٺ ۽ تر وغيره پڻ ٿين ٿا. ھي پوک برسات تي ٿئي ٿي. ٽيوب ويل جي دستيابي ھجي تھ اسپنگر ۽ جيرو ڀلو ٿيندو، جيڪو بارڊر جي ٻي پاسي سرڪاري سھڪار سان نصب ٿيل ٽيوب ويلن تي پوکيو وڃي ٿو. ڪنٺي ۾ وڻ ۽ ساوڪ گهڻي آھي. زمين ڀلي ۽ علائقو وڌيڪ سرسبز آھي. ھتي ڪونڀٽ، روھيڙو، ڪرڙ، ڪنڊو، ڄار ۽ ٻير وغيره جهجهو آھي. ساوا گاھھ به گهڻا آھن. ھتي سما، سومرا، اوٺا، اُنڙ، ٿيٻا، ڏيٿا، درس، دل، چنا، ھاليپوٽا، جنجهي، نھڙي، راھمان، سميجا، کوسا، چانڊيا، ڇڇر، جوڻيجا، بجير، ٺڪر، ميگهواڙ، چارڻ ۽ ڀيل وغيره رھائش پذير آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو