ڪنڀارڪو هنر

ڪنڀارڪو هنر: انسان جي ارتقائي تاريخ ۾ جن ڌنڌن جو وجود پيو، انھن ۾ ڪنڀارڪي ڪم کي وڏي اهميت حاصل رهي آهي. شروع ۾ انسان جڏهن شڪاري زندگي گذاريندو هو تہ پٿر جا چاقو ۽ تيرن جا منھن وغيرہ تيار ڪري شڪار لاءِ استعمال ڪندو هو. ان دور ۾ ’ٿوٻي‘ يعني پٿر جي دانگي، پٿر جا ڪونڊا، سرون ۽ اکرا تيار ڪيا ويندا هئا. انسان پنھنجي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ پٿر کي گهڙي مختلف ٿانون جي شڪل ڏني. اڳتي هلي انسان مٽيءَ مان گهر جوڙڻ ۽ زراعت جو ڌنڌو اختيار ڪيو. انسان باھہ ٻارڻ دوران ڏٺو تہ مٽيءَ جا جيڪي پٿر باھہ اندر اچي ٿي ويا، سي پچي ٿي ويا. انهيءَ مشاهدي انسان ۾ ڪنڀارڪي ڌنڌي جو شعور پيدا ڪيو. جنھن کان پوءِ ڪجهہ ماڻهن مٽيءَ مان ٺاهيل ٿانون کي باھہ ۾ پچائڻ جي شروعات ڪئي. شروعاتي دور ۾ ٿانو ڳرا ۽ وزندار هئا، انھن ۾ گهڙائي جو فن گهٽ هو، ڇاڪاڻ تہ چڪ تي ٿانون ٺاهڻ جي گُر اڃا وجود نہ ورتو هو. ڪنڀارڪي چڪ جي وڏي اهميت آهي ۽ چڪ جي ڦرڻ جي بنياد تي ئي قديم گاڏيءَ جو ڦيٿو ايجاد ڪيو ويو هو.تاريخي آثارن ۾ پٿر توڙي پڪل مٽيءَ جا چڪ زراعت جي شروع ۽ پٿر واري پوئين دور جي شاهديءَ ڏين ٿا. اڳتي هلي انهيءَ آڌار تي ڪاٺ جو چڪ جڙيو، مٽيءَ جا ٺھيل چڪ، ٻڪريءَ ۽ رڍ جي ڏاس ملائي ٺاهيا ويندا هئا.سنڌ جي اتر واري علائقي ۽ ڪراچيءَ ۾ چڪ جو استعمال عام آهي. ڏکڻ سنڌ ۾ خاص ڪري مھراڻي ۾ اڃا تائين مٽيءَ جو چڪ استعمال ڪيو ويندو آهي. چينيءَ جي ٿانون ٺاهڻ وارن ڪارخانن ۾ اليڪٽرڪ تي هلندڙ ننڍڙا چڪ استعمال ٿيندا آهن. هن ڪم ۾ اهڙي مٽي استعمال ٿئي، جيڪا ليس واري ۽ لچڪدار هجي ۽ چڪ تي آسانيءَ سان ڦري سگهي ۽ ڪرت ڪندڙ جي ڦرهين جي ڦيٽ ۽ ڪينري جي ڪٽ کي سھي سگهي. ٿانوَ چڪ تي لاٿا ويندا آهن ۽ پوءِ کين گهڙيو ويندو آهي. ڪي ٿانو ٻہ يا ٽي ڀيرا بہ چڪ تي چاڙهيا ويندا آهن. گهڙڻ بعد ٻئي مرحلي ۾ انھن جي ڳچي يا پرڳي ٺاهي ويندي آهي، جن ۾ لسائي ۽ جنڊي بہ شامل آهي. مھين جي دڙي مان جيڪي ٿانو مليا آهن، انھن ۾ خاص طور مھين جي دڙي، هڙپا ۽ آمري وغيرہ مان لڌل ٿانوَ ۽ انھن جي ٺڪرن جي مطالعي کان پوءِ اها ڳالھہ چٽي ٿئي ٿي تہ اڄ جي ڪنڀارڪي ڪم ۽ پنج هزار اڳ واري ڪنڀارڪي ڪم ۾ ڪو خاص فرق نہ آهي. ان دور جا ٿانو اسان جي هن ڪم جي سلسلي ۾ اوليت جي حيثيت رکن ٿا، ڇاڪاڻ تہ ان وقت ٿانون کي چڪ تان لاهڻ ۽ پوءِ گهڙڻ جو رواج هو ۽ اڄ بہ اهو رواج آهي. اڳ ۾ ڊول ۽ سھڻائيءَ تي ايترو خيال نہ ڏنو ويندو هو، پر پوءِ ماڻهن جي ذوق ۽ شوق سبب انھن ۾ خوبصورتي ۽ نفاست ايندي وئي. ٿانون ٺاهڻ لاءِ مٽيءَ جو خاص قسم استعمال ڪيو ويندو آهي، جنھن ۾ نہ پٿر، نہ وري ڪوڏ وغيرہ هجي، مٽي لسي ۽ چيڙهي هجي. ڪنڀار سٺي مٽي آڻي ڪٽي، سپ يا پُرڻ مان تاري ٿلھي مٽي الڳ ۽ سنھي الڳ ڪندا آهن. سنھي مٽيءَ کي ’سوڙهي‘ ۽ ٿلھيءَ کي ’ڪڏر‘ چون، سوڙهيءَ مان ٿلھي مٽيءَ جو ٻالسو ٻڌو ويندو آهي ۽ مٽيءَ ۾ ڳاري لاءِ پاڻي وجهبو آهي. جڏهن مٽي ڳري ويندي آهي تہ ان سان سنھي لڏ (جيڪا صرف گڏھہ جي هوندي آهي) يا وري سٽو، يعني پن جي سنگ جو بوھہ (ٻر) مٽيءَ سان گڏبو آهي، پسيل مٽيءَ سان سڪل سوڙهي ملائي ڳوهي دڙيون يا ٽيرا ٺاهبا آهن ۽ انھن جي ڌڙ هڻبي آهي. مٽيءَ جي ڌڙ کي سڪڻ کان بچائڻ لاءِ ڳوڻين يا ٻين ٽپڙن سان ڍڪبو آهي. ٿانوَ ٺاهڻ کان اڳ مٽي کي چڱيءَ طرح ڳوهيو ويندو آهي. گهاڙ لاهڻ لاءِ چڪ کي هلائي، ڳوهيل مٽي جي ٽيري کي مٿان رکي، لٺ چڪ جي چگهہ ۾ وجهي زور سان ڦيرائبو آهي، جيئن چڪ پنھنجي رفتار وٺي. پاسي ۾ پيل پاڻيءَ جي لوٽيءَ مان جنھن کي ’چکراڻو‘ چون، ڪنڀار ان مان هٿ پسائي، مٽيءَ جي ٽپڙي کي وچ ۾ اڱوٺو ڏئي، باقي هٿ هيٺان پاسي کان ڏئي، مٽيءَ کي مٿي ڇڪيندو آهي ۽ آڱوٺي سان ٽپڙيءَ ۾ ڪيل خال کي ويڪرو ڪري هٿ ڏئي سنھو ڪندو آهي ۽ جنھن بہ قسم جو ٿانو لاهڻو هوندو، ان جو ڪنو ۽ ڳچي ٺاهي، ڪني ۽ ڳچيءَ جي لسائيءَ لاءِ ڪنڀار سر جي ڪاٺي يا پلو پاڻيءَ مان پسائي آڱر جي ٻيڪڙ سان ڦيريندو آهي، چڪ تان ٿانوَ لاهڻ لاءِ ڌاڳو يا چولڻ ڪم آندي ويندي آهي، لاٿل ٿانون کي گهاڙ ڪوٺيو ويندو آهي، ان کي پھر کن ڇڏي ڏيندا آهن. جيڪا گهاڙ لاٿي ويندي آهي، ان کي ٻئي ڏينھن گهڙيو ويندو آهي. لٿل گهاڙ کي ايتري وقت ان لاءِ ڇڏيو ويندو آهي، جيئن اهي لٿل موٽ وٽائتا ٿين ۽ پنھنجي ڳچي جهلي سگهن ۽ مٽي ڦرهي جي ڦيٽ سھي سگهن. گهڙڻ لاءِ ٿانون جي اندران هٿ ۾ ڪنيرو جهلبو آهي ۽ ٻاهران ٺپڻيءَ سان ڌڪ هڻي وڌائبو آهي. ٿانو گهڙڻ لاءِ ڪنيرا بہ جدا جدا قسمن جا ٿين. ڪي گول، ڪي تانگها ۽ ڪي بيضوي ٿين. اهڙي طرح ڦرهيون بہ ننڍيون، وڏيون ۽ وچوليون ٿين، اهڙين شين جي چونڊ ٿانون جي مدار تي هوندي آهي. گهڙيل ٿانون جي سڌي پٽ تي ڇاپو هڻبو آهي، ڇاپي هڻڻ مھل منھن جي مٿان هٿ يا ننڍو لوٽو ڏبو آهي، جيئن هوا ٻاهر نہ نڪري ۽ ان جي زور تي ٿانو سڌائي وٺي بيھي ۽ ڇاپو درست بيھي. ڇاپي جي اندران ڪاني يا ڪاٺيءَ جي ٽڪرن جي ٽيڪ ڏبي آهي، ڪاٺيءَ جي انھن ٽڪرن کي ’اونينگرا‘ ڪوٺيو ويندو آهي. ڇاپو جڏهن خشڪ ٿيندو آهي تہ ان کي اٿلائي وري گهڙبو آهي ۽ گهاڙ ۾ لسو ۽ ڊولائتو ڪيو ويندو آهي ۽ آخر ۾ سڪڻ لاءِ ڇڏيو ويندو آهي.
ٿانون ٺھڻ کان پوءِ چٽ ڪڍبا آهن. اڄ جي ٿانون تي استعمال ٿيندڙ ڪارو رنگ ۽ مھين جي دڙي مان لڌل ٿانون تي پنج هزار سال اڳ جي ڪاري رنگ ۾ ڪو بہ فرق نہ آهي. اڄ جو چٽ اڳئين دور کان ڪن حالتن ۾ مختلف آهي.
ٿانون جي چڪ تان لھڻ، اگهڙڻ ۽ چٽجي وڃڻ کان پوءِ جو ڏاڪو محنت طلب آهي. دلو، مٽ، ماٽي، ڪُنو، پارو، دلي ۽ اهڙي قسم جي ٿانون کي هيٺان پيل مٽيءَ جو هٿو ڏبو آهي، جنھن کي ’پ‘ چون. اهو ان ڪري بہ ڏبو آهي جيئن گهڙڻ ۽ سڪڻ جي ڪري ٿانون ۾ ڦوٽ نہ پوي. ان کان پوءِ ٿانون کي نهائينءَ حوالي ڪيو ويندو آهي.
نھائين ءَ ۾ پھريان ڌر ٻڌبو آهي، جنھن ۾ هيٺان ٻاڪرو ڀاڻ، ڇيڻا، ڪک وغيره، وجهبا آهن، جنھن مٿان ڌراڪا هڻبا آهن. ڌراڪا ڪچا ٿانو نہ آهن، پر پڪل ٿانو، جيڪي آويءَ مان بي ڪما نڪرندا آهن، انھن سان ڌر ٻڌبو آهي، پوءِ ننڍا ننڍا ٿانو هڻڻ/رکڻ شروع ڪبا آهن، انھن جي هيٺان ٿانون جون ننڍيون ٺڪريون رکبيون آهن، جن کي رڻھيون چون. رڻھيون ان ڪري ڏبيون آهن، جيئن ٿانوَ پاڻ ۾ لڳي نہ بيھن ۽ ڪارو داغ نہ ڪن. ننڍن ٿانون بعد وڏن ٿانون جون چڪيون هڻبيون آهن، جن مٿان ننڍا ٿانو رکن، جن کي ’چاڄوھہ‘ چون. ٿانون کي لڳائڻ کان پوءِ ڪڻھن جي ٽڪرن سان ڍڪبو آهي، ڪڻھن جي وچ ۾ پيل ننڍن سوراخن يا لوگهن کي وري رڻھيون ڏئي بند ڪبو آهي ۽ مٿان ڪک ڪچري وارو ڀاڻ وجهبو آهي، جنھن کي ’ڇنڊ‘ چون. آويءَ جي آخري منزل کي پئاٽ يا پڇاڙيءَ ۽ پاسير کي ’ڳليڪو‘ ڪوٺبو آهي، اهي ٻئي هنڌ نھائين جو نينھن نڀائڻ لاءِ اهم آهن، جن لاءِ ڪاريگر تمام گهڻا جتن ڪندو آهي. سڄي نھائين کي مٿان ڦلھيڙي ڏين، (جنھن کي وٿ ولائڻ چئبو آهي) جيئن باھہ نھائينءَ مان نسنگ ٿي چيرو ڪري نہ نڪري. آويءَ جي ڪنڊن ۽ پڇاڙيءَ تي سوراخ ٺاهن، جن کي ’چکو‘ چئبو آهي، جيڪي دونھون ٻاهر ڪڍڻ سان گڏ باھہ کي اڳتي ڇڪڻ جو ڪم ڏيندا آهن. سوراخن مان گهڻي باھہ نڪري تہ کين بند ڪري ڇڏين. نھائين ڀاڻ وغيرہ سڙي وڃڻ کان هڪ يا ٻن ڏينھن ۾ پچي ۽ ٺري وڃي. ان کان پوءِ ڪنڀار آوي کوليندا ۽ ٿانو وڄائيندا ۽ جنس جنس جدا ڪندا. ڪڏهن ڪڏهن آوي موڙيءَ يعني اڌ ڪچي، اڌ پڪي ٿي ويندي آهي. ان حالت ۾ ڪنڀار جي سموري محنت رائيگان ويندي آهي. گهڻي باھہ سبب نھائين ڪڙهي ويندي آهي ۽ ٿانو ڪارا ٿي پوندا آهن.
ڪنڀارڪن ٿانون جا ڪيترائي قسم ۽ نمونا آهن. جھڙوڪ: مٽ، دلو، ماٽي، ماٽورو، گهاگهر، تسر، تسري، دکي، لوٽو، لسو کير وارو ٽڀو، طباخ، طباخڙي، ڪنگري، پارڙو، واڻو ڍڪڻ، لسو ڍڪڻ، دانگي، ڍڪڻي، ڏيئو، گهگهي، چلم، حقو، بونبو، ٽوپي، چلمچي، ڳنهڙي، ڪونار، ڪونڊو، ڇل، اکرلو، اکري، ڪرو، نادي، سارين ڏرڻ جي جنڊي، ڍاڪون، تيلاٽي، ڦيلهي، پاٽ، سفالو، پيالو ۽ جمن وغيرہ. سنڌ ۾ جدا جدا هنڌن تي ٿانون ۾ نمايان فرق آهي، اتر واري علائقي ۾ مٽيءَ جي چڪ جي عيوض پٿر جو ننڍو چڪ استعمال ڪيو ويندو آهي، جيڪو پير سان هلائين. جڏهن تہ ڏکڻ سنڌ ۾ مٽيءَ جو چڪ استعمال ڪيو ويندو آهي، جنھن کي ڏاس وجهي ٺاهبو آهي، جيئن ڦيرڻ وقت ٽٽي نہ پوي.


لفظ ڪنڀارڪو هنرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو