ڪنڊو شاھہ ڪوٽ (ماڳ): هي قبرستان ڪلهوڙن جي پھرئين دور جو آهي، جيڪو ضلعي نوشھري فيروز ۾، ريلوي اسٽيشن لڳ آهي. هن مقام ڀرسان ڪلهوڙن جو هڪ ڪوٽ هو، جنھن ۾ ڪلهوڙا پنھنجو اناج رکندا هئا، ڪنڊو نالي ڪنھن شخص کي شاھہ جو لقب ڏيئي اتي ويھاريو هئائون، مرڻ کان پوءِ کيس ڪوٽ ڀرسان دفن ڪيو ويو. ان کانپوءِ ٻيا ڪيترائي ماڻهو بہ هن قبرستان ۾ دفنايا ويا ۽ چڱو قبرستان ٿي ويو. اڳتي هلي قبرستان ۽ ڪوٽ سندس نالي سان منسوب ٿي ويا.