ڪنڊياري

ڪنڊياري (شھر): هي شھر، تعلقي ۽ ضلعي سانگهڙ ۾ سانگهڙ شھر کان 30 ڪلو ميٽر اوڀر- ڏکڻ ۽ ميرپورخاص کان 35 ڪلو ميٽر اتر- اولھه ۾ آهي. هن شھر تي نالي پوڻ بابت روايت آهي ته، هتي ڪنڊي جو وڻ هوندو هو. جنھن هيٺ انگريزن جي شروعاتي دؤر ۾ هڪ مقامي هندو واڻيي دڪان لڳايو. ان کان پوءِ آهستي آهستي ٻين ماڻهن ۾ دڪان لڳايا ۽ ايئن هي شھر آباد ٿيندو ويو. اتي پھرين ڪنڊيءَ جي وڻ هئڻ سبب هن جو نالو ئي ڪنڊيءَ واري ۽ پوءِ ڪنڊياري پئجي ويو. هن وقت چڱو ڪاروباري مرڪز آهي. هتي 1956ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول قائم ٿيو، جنھن ۾ مقامي شاگردن کانسواءِ ٿر جي ڏورانھن علائقن جا شاگرد بہ پڙهندا هئا. جن جي سھولت لاءِ مقامي زميندار خانبھادر غلام محمد خان وساڻ هاسٽل قائم ڪئي. جتي شاگردن کي مفت رهائش سان گڏ کاڌو پيتو وغيرہ مھيا ڪيو ويندو هو. هن شھر کي 1962ع ۾ يونين ڪائونسل ۽ پوءِ 2009ع ۾ ٽائون ڪميٽيءَ جو درجو مليو.


لفظ ڪنڊياري ھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو