ڪنڊي چکيءَ جي ڍنڍ

ڪنڊي چکيءَ جي ڍنڍ: هيءَ ڍنڍ ضلعي دادوءَ جي تعلقي خيرپور ناٿن شاھہ ۾ آهي. ڳوٺ چکيءَ جي ڀرسان هئڻ ڪري هن ڍنڍ تي اهو نالو پئجي ويو آهي. سرڪاري رڪارڊ ۾ هن کي ڪنڊي پکي ڍورو لکيو ويو آهي. ان جي نالي چُکيءَ مان واضح آهي تہ درياھہ ڪنھن دؤر ۾ چُک ٺاهي، سيتاري پراڻ ڏانھن ايندو هو. اهڙا نشان هن وقت تائين بہ موجود آهن. جتان سنڌوءَ جو وهڪرو جاکپاري ڍنڍ تائين رسندو هو. هن وقت هيءَ ڍنڍ پنھنجي اهميت وڃائي ڍوري جي شڪل اختيار ڪري چڪي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو