ڪنڊڙي

ڪنڊڙي (علائقو): روحل فقير حياتيءَ جي آخري ڏينھن ۾ دنيا جي هنگامن کان بيزار ٿي سڄي اهل عيال سميت ڪوٽڏيجيءَ ڀرسان ڪوٽلي جي ننڍيءَ بستيءَ ۾ وڃي رهيو، جتي سندس معتقد وڏي تعداد ۾ ايندا رهندا هئا، جيڪا ڳالھہ اتان جي مقامي زميندار کي پسند نہ آئي. طاقتور ماڻهن ۽ فقير جي وچ ۾ ٽڪراءُ ٿي پيو. روحل فقير اهو پٽ ڇڏڻ جو فيصلو ڪيو. وقت جي حاڪم مير صاحب کيس گهڻو ئي روڪيو، پر فقير صاحب جو فيصلو ڪري چڪو هو. هو اهل عيال کي وٺي نڪري پيو. چون ٿا تہ جڏهن موجودہ ڪنڊڙي (تعلقي روهڙي) ڳوٺ وٽ آيو تہ اهو علائقو ان وقت جهنگ ۽ غيرآباد پَٽ هو. هن جي چادر جو هڪ پلئہ هڪ ننڍڙي ڪنڊيءَ جي وڻ ۾ اٽڪي پيو. فقير صاحب هن معمولي روڪ کي خدائي حڪم سمجهي، اُتي لڏي لاهڻ جو حڪم ڏنو. جلد ئي جهنگ صاف ڪري جهوپڙيون اڏي هڪ ننڍڙي بستي آباد ڪئي وئي، جنھن جو نالو ڪنڊڙي پئجي ويو جيڪو اڄ تائين مشھور آهي.


لفظ ڪنڊڙيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو