ڪنڊ نئن

ڪنڊ نئن (وهڪرو): ڪنڊ نئن، ڪراچيءَ ويجهو مھير جبل جي پنيلڌي ۽ بکر ڳوٺن لڳ، مھير جي اتر کان وهي مھير ڳوٺ ۽ مٺو ڪانڙيءَ وٽان هڪ ڍوري جي شڪل ۾ پھرئين (مھير جبل تان وهي اچڻ ڪري هن ڍوري کي ’مھير ڍورو‘ چيو وڃي ٿو.) اتر کان اولھه ۽ ڏاٽ ٻاٻرين کان پوءِ ڏکڻ پاسي وهي اچي ٿي ۽ ڳوٺ ٿوهر ڪانڙيءَ لڳ وڏو چڪر هڻي اوڀر پاسي هلي ويندي آهي. ڳوٺ پنھون ڪانڙيءَ ۽ عبدالله ڪانڙيءَ کان پوءِ هي نئن اتر پاسي ۽ 20 ڪلوميٽر کان پوءِ ڪنڊ بازار کان ٻيھر اولھه پاسي وهي حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هي نئن ڪٿي ڪٿي جهرڻي وانگر جبل کان هيٺ وهي ٿي. ’مھير‘ ۽ ’مول‘ جبلن جي وچ مان هن جي وهڻ جو منظر بہ ڏسڻ وٽان آهي. هن نئن ۾ برساتن کان پوءِ ڇھن مھينن تائين صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو رهي ٿو، جنھنڪري ’ڪنڊ‘ ۽ ’جهنگ ڪنڊ‘ وارو علائقو زرعي آباديءَ هيٺ رهي ٿي. ڪنڊ نئن پوپٽ بڪڪ ڳوٺ، بابو ڳوٺ ۽ پٺاڻ ڳوٺ لڳ پھاڙن مان اتر کان ڏکڻ پاسي وهي ٿي. ديھه ڀاڏ ۽ لُسر جي حدن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ هن جو رخ پھرئين اولھه پاسي ۽ پوءِ ڪجهہ ڪلوميٽر اتر پاسي مڙي مري، مُڱٿر، کار سينٽر، امام بخش ٻُري ۽ روح خاصخيلي ڳوٺ وٽان لنگهي حب نديءَ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. هن هنڌ، هن نئن کانسواءِ کار، موئيداڻ، سان، ٻوھہ، نمن واري، مھير، تراڙي، ڪانيگ ۽ ٻيا ڪيترا ڍورا آهن، جيڪي هن نئين سميت ٻين نئين سان اهي گڏجن ٿا.


لفظ ڪنڊ نئنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو