ڪنڍي (شڪار جو اوزار): هي اوزار مڇي مارڻ جي ڪم اچي، هن سان چڱيءَ مڇي ماري سگهبي آهي. هن ۾ وڏي ڏور ۾ ڪلوئڙو وڌو ويندو آهي. ڪلوئڙي کان ٻہ ٽي آڱر مٿي لوھہ رکي مٿان سڳو ڦيرائبو آهي تہ جيئن ڪلوئڙو هيٺ گهرائي يا تر ۾ وڃي هڪ هنڌ بيھي رهي. مڇي مارڻ لاءِ ٺاهيل هن قسم جي ڪُنڍيءَ جو ٻيو نالو مانگرياڻي بہ آهي.