ڪنگر

ڪِنگر: هي هڪ قسم جو لوٽو ٿئي، جيڪو گهڻو ڪري نار ۾ ٻڌجي ٿو. نار ۾ پاڻي واهڻ لاءِ چرخي تي 12 کان ارڙهن لوٽا لڳل هوندا آهن، جن جون ڪناريون عام لوٽي جي ڀيٽ ۾ سڌيون هونديون آهن. جيئن ڍڳن ذريعي نار جو چرخو گهمندو ويندو، تيئن پاڻيءَ مان مٿي نڪرندڙ لوٽا يعني ڪنگر بہ پاڻيءَ سان ڀرجي پيا ايندا آهن. جيڪو ناليءَ ذريعي پوک ۾ وهندو رهندو آهي. اڳي ڪنگر ٺڪر جا هوندا هئا. لوھہ، جست ۽ ڪاپر جي ٿانون جي اچڻ کان پوءِ نار ۾ بہ لوھہ جا ڪنگر لڳايا ويندا آهن.


لفظ ڪنگرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو