ڪنگراڻي

ڪِنگراڻي (ذات): هيءُ قبيلو ايران، هندستان ۽ پاڪستان ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ وڏي انگ ۾ آباد آهي. ايران ۾ ڪَنگراڻي (Kangrani) لکجي يا سڏجي ٿو. هند، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪِنگراڻي (Kingrani) لِکجي ۽ سڏجي ٿو. سنڌ ۾ مري قبيلي جو پاڙو وري ڪُنگراڻي (Kungrani) سڏجي ٿو. ڪن جو خيال آهي تہ هيءُ قبيلو ايران مان آيل آهي. جامع سنڌي لغات ۾ ڪِنگراڻي قبيلي کي بلوچ نسل ڄاڻايو ويو آهي، پر ڪن محققن جي راءِ موجب هيءُ قبيلو اصل ۾ آڳاٽي زماني کان سنڌ جو مقامي قبيلو آهي، جيڪو دنيا جي ٻين خطن ڏانھن وڃي پکڙبو. ڏٺو وڃي تہ راجپوت قبيلي جو پاڙو آهي، جيڪو ڪِنگر نالي شخص جو پونئير لڳي ٿو. هند توڙي سنڌ ۾ ڪِنگراڻي (Kingrani) قبيلي جي گهڻائي آهي، جن ۾ مسلم سان گڏو گڏ غير مسلم بہ آهن. هندستان جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ ڪِنگراڻي قبيلو اڪثر غير مسلم آهن.ديپڪ ڪِنگراڻي هندستان ۾ بالي ووڊ جو مشھور ليکڪ ۽ اداڪار آهي. سعيد ڪنگراڻي ايران جو مشھور اداڪار آهي. ائين عزيز ڪنگراڻي سنڌ جو نامور محقق ۽ ليکڪ آهي. پاڪستان ۾ مسلمان ڪِنگراڻي قبيلو پاڻ کي بلوچ نسل جو سڏائي ٿو. سنڌ ۾ مسلمان ڪِنگراڻي ٿورڙائي ۾ آهن. ڪِنگراڻي قبيلو سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ رهي ٿو. سنڌ ۾ ڪِنگراڻي دادو، سانگهڙ، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، شھدادڪوٽ، جيڪب آباد، گهوٽڪي، ڪراچيءَ کان علاوہ ٻين ضلعن ۾ بہ رهن ٿا. انهن ۾ گهڻائي هندو ڪميونٽي جي آهي. هن قبيلي يا ذات سان تعلق رکندڙ ماڻهو پنجاب جي ضلعي ديري غازي خان جي تعلقي وِڏور (Vidor) جي ڳوٺن ۾ بہ آباد آهن. پنجاب ۾ بہ هيءُ قبيلو پاڻ کي بلوچ سڏائي ٿو. وِڏور تعلقي جي ٽاڪرُو سلسلي مان وهندڙ واهي ڪِنگراڻي پنجاب جو مشھور سياحتي ماڳ آهي.


لفظ ڪنگراڻيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو