ڪنگراڻي ڳوٺ وارو ٺل: هي ٺلھه ضلعي دادو، تعلقي جوهيءَ ۾ جوهيءَ کان ڏکڻ طرف ٻن ڪلوميٽرن تي ڳوٺ گل محمد لڳ جوهي، ڀان روڊ جي اولھه طرف موجود آهي. ٺل اوچائي ۾ 30 کان چاليھه فوٽ ۽گولائي اٽڪل ڏھہ کان ٻارهن فوٽ نيم قطر جي صورت ۾ آهي. هي ٺل، چيڪي مٽيءَ مان ٺھيل آهي. جيڪو چوٽيءَ وٽ اٽڪل ڇھه کان ست فوٽ موڪرو آهي. چوٽي هڪ ڪمري نما معلوم ٿئي ٿي، جنھن کي ڪناري وٽ ٻن فوٽن جو ڄڻ ڪوٽ ڏنل آهي. ٺل جي اوڀر ۾ ڪن ڪمرن جا نشان آهن. 1976ع جي ٻوڏن کان پوءِ هتي ماڻهو اچي آباد ٿيا، جن جي لتاڙ سبب ڪمرن جا نشان تباھہ ٿي ويا آهن، پر ٺل موجود آهي.