ڪنگور

ڪنگور (ڀرت): هن ڀرت ۾ مُڪي جو اڌ گول ٺاهيو ويندو آهي، جنھن تي ٽڪون ول وانگر لڳايون وينديون آهن ۽ پاسن کان ڪيترن ئي رنگن جو ڪشميرو ڀريو ويندو آهي. جڏهن تہ بند ۾ سنھيون ٽڪون چوڌاري ۽ مختلف رنگن جو ڪشميرو ۽ مُڪي جا ريشا لڳايا ويندا آهن. گج ۾ ڪنگور ڀرت جا ڪيترائي نمونا ڀريا ويندا آهن، جنھن گج ۾ ڪنگور ڀرت جي گهڻائي هجي، ان کي ڪنگور گج چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو